| CARVIEW |
هيءَ ڪافي سمجھڻ ۾ ٻـ ڪَلاڪ لڳي ويا هوُندم، پرَ ٻهراڙيءَ جو اهڙو منظر سائين سچلَ چِٽيو آهي جو مان کي مزو اچي ويو. هِن ڪافيءَ ۾ نـ رُڳو انسان جي پرَ ٻين مِرون پسون جي نڪته نظر سان چٽائي ڪئي آهي ۽ ويچارن جانورن جو احساس ڪيو آهي جيڪو ٻنيءَ تي ڪمُ ڪندا آهن.
جامع سنڌي لغتَ کي ڪيئي وار ڏسڻو پيُم جو سنڌي ٻوليءَ منهنجي زور ناهي؛ نيٺ ڪافيءَ دل ريجھائي وِڌي… لونئون لونئون لاتي. هيٺ اوهان جي سولائي لاءِ ڪِن لفظن جي معنا ڏيان ٿو.
ڪِن شهر واسين کوهَـ نـ جاچيا هجن نـ ڏٺا هوندا، انهيءَ جو عضوون جو فوٽون ڇڪيو ڪير ونڊيندو ته لفظن جي سمجھاڻي سولي ٿيندي. هونئن جِن سائين سچلَ جنِ پکين جي ڳالِهـِ ڪئي آهي، تِن مان مانکي ڪي تـ ياد ناهن.
وهَن ڌارو ڌارَ، ڳاڌيِءَ جي ڳِٽڪارَ تي.
ڀاروني هِڪڙي چَڪريون ٻيئِي، آرا اُنهن جا آهن اهي ئي،
وهن بارو بارَ، وو، لَٺَ واريءَ للڪار تي.
ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون، ارِڙيون سونهن مالهه موچاريون،
جھَلڻ جا جھلڪار، وو، لوُٽِن واريءَ ڌڌڪار تي.
ڍڍي چونڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنهن جا ماکِي مصري،
کِيرن جا به خُمار، وو، آهن پيهي واريءَ پونجار تي.
ڪانگَن ڪانگيرو، وهين واهيرو، ڪَٻرن، ڳيرن ڪيو اچي گھيرو،
ڳوڙهن جا وسڪارَ، وو، جھِرڪين جي جنسار تي.
آيو نيسَر پاڙڇ ۾ پاڻِي، مرشد اچي ٿيڙ مَ ساڻِي،
سا جوئر پَچايوم جار، وو، آهن ڪَم “سَچلَ” جا ڪلتار تي.
(سچل)
ڳاڌيِ (هِتي) وڏي چڪرَ مٿان ڀِرڄَلَ ۾ لڳل (ساڍا ڇهـَ هٿ کن ڊگھو) تختو
ڀِرڄَلَ اُها ٿلهيِ ۽ سڌيِ لٺ جنهن جو هڪ ڇيڙو هيٺُ ڀارونيءَ تي بيهي ۽ ٻيو ڇيڙو مٿي ڪاڃڻ ۾ لڳل مڪڙي اندر هجي (نارَ يا هُرليءَ جو هڪ عضوو) ـ
ڳِٽڪارَ جانور کي سَڏُ
ڀاروُنيِ اُها ڪاٺيِ جنهن جي “مُهري” جي هيٺين چوٽيِ ڦِري (نارَ يا هُرليءَ جو هڪ عضوو) ـ
(نارُ جنهن سان کوه مان پاڻي مٿي زمين پڄائبو آ (هُرلو)) ـ
چڪري ڪا بِه گول شئـ . گھيرو.
آرا سينگاريندڙ
ڦرهيون اوڀاري جي چوٽيءَ ۾ پيل ڪاٺيِ
ونگُڙو ورن وڪڙن وارو ــ ڀانڊيءَ ۾ ڏِنگي ڪاٺيِ جا ڦرهين کي پاڻ ۾ مِلائي
اوڀاري نارَ يا هُرلي جي لٺَ ۾ کُتل ڪاٺين (جِن ۾ ڦرهيون وِجھبيوُن آهن) مان هِڪَ ڪاٺي. چاڙهُـ پاڻيءَ جو
مالَهه نار جو هڪُ عضوو؛ هُرلي جي ڍينگي تي ويڙهيل لوڙ جا ٻَـ لڙهـ جي ارڙين وسيلي ڳنڍيل ٿين ۽
جنهن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪِنگر ٻڌجن
لوُٽِن مٽَ ــ لوٽيِ ــ ننڍي دَکي (هِتي مُراد جن ۾ کوهـ جو پاڻي ڪري) ـ
ڌَڌِڪَڻُ گجگوڙ ڪرڻ ــ گوڙ ڪرڻ ــ ڪرڪڻ ــ ٺڪاءُ ڪرڻ ــ ٻُرڪڻ
ڍڍيِ جوُئرَ جو هِڪُ قِسم (ٻي معنا جيڪا هتِ مُراد ناهي، ٻار جو پيٽُ) ـ
نِسري (سَنگَ جو) ٻاهر نڪرڻ ــ اُڀرڻ ــ اُسرڻ ــ انگورجڻ
کيِرَ (هِتي مُراد) سڀا ــ مجلس ــ سڳر ــ ٽولي
پيهي ننڍو پيهو، پوک تان جھار هڪلڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ ٺهيل ننڍڙو منهن (انگريزيءَ ۾ “سڪير ڪُرو”) ـ
پوُنجار پُڇڙي ـ چوٽيِ
ڪانگيرو (هتي) سِج لهڻ مهل ڪانگن جو گڏيل آوازُ ــ ڪانگن جو لشڪر
وَهِيو (سنڌ ۾ هوندڙ) پکيءَ جو هِڪ قسمُ. آسوُدو ــ ڌَنَوارو
واهيرو اُکيري ۾ پکيُنِ جي ويهڻ جو وقتُ. آرام جي جاءِ ــ آکيرو
ڪَٻَ ڊَپُ ــ ڀوء. (ٻيون معنائوُن) گوٿناٿ ــ گَس گُساءُ. بهانو ــ ٽارو
ڳيرو پکيءَ جو هڪ قسم (قد ۾ تتر جيڏو، گچيءَ ۾ ڪارو ليڪو ٿئيس) ـ
جَنسارُ هار سينگار ڪرڻ ــ ٺاهَـ ٺوهَـ ــ آرائِش
نيِسَرِ پاڻيءَ جي نيڪالَ جو نالو
پاڙِڇُ نار يا هُرليِ جو عضوو جيڪو ڪاٺ يا لوهَـ مان ٺهيل هٿ کن ڊگھو ۽ فوٽ کن ويڪرو نارو جنهن ۾
لوٽِن مان پاڻي ڪري ۽ اُتان وڃي نيِسَرِ ۾ پوي) ـ
ٿيِڙُ لوڏو ــ ڌِڪو. ڪوڙو آسرو ــ گُساءُ
ساڻيِ ساٿي ــ همراه ـ مددگار
جارَ جالارو ــ گھڻو ــ جام (پرَ جارُ معنا ساڙو، تيسو) ـ
ڪَلتارُ اُپائِڻهارُ ــ خالق ــ ڪرتار
نار جي تاريخ بابت هيٺيون مقالو ڏسندا؛ هونئن ڀانيان ٿو ته نار موئن جي دڙي ۾ هُئا. سنڌ وارا نارَ قسم ٻيءَ ڪڙيءَ تي ٺرڪ هڻي نارن بابت ڪتاب ۾ ڏسي سگھندئو..ـ
https://www.waterhistory.org/histories/waterwheels/
https://books.google.com/books?id=quT1DflghpkC&pg=RA1-PA358&lpg=RA1-PA35
]]>سکر شهر ۾ آئي بي اي جي شاگردن کي تازو هڪ وياکياڻ ٻڌايم. اِنهيءَ ۾ وگيان (سائنس)، تنهن ۾ ڳڻت گيان (”ميٿَميٽِڪس“) ۽ حسابي ڪلنن (”ڪَمپيِوُٽَرَنِ) جو ڪِردار، پنهنجي ڦولا، ۽ ٻيون ڪي بنيادي ڳالهيون ڪيم. تنهن وياکياڻ جا سِلائيڊ هيٺين ڪڙيءَ تي ٺڙڪ هڻندا ته لڀندوَ.
sukkur-slides پي ڊي ايف ۾ ڏنل (هتي ٺرڪ هڻدا)
ڳنڍ ڄار وسيلي ڏيک ۽ آواز هليو. وياکياڻ ڏيڍ ڪِلاڪ جي هئي، پرَ سلائيڊن ۾ سڀ ڳالهيون لکيل ناهن. تنهن کان پوءِ اڌ ڪِلاڪ سوال جواب پِڻ ٿيا.
هِت رات جا ٻارهان لڳي ويا، هُت ڏينهُن پهريون پهر مس پورو هو. ٽَلَ هيم ته پنهنجي سموري ڄمارَ ۾ ٻن هزارن وڌ وياکياڻَ ڏنا اٿم. تِنِ مان هڪ ڏيڍ سيڪڙو مسَ سنڌيءَ ۾ ڏنيون هوُندمِ. پر اِهو پهريون وار آهي جو هِڪَ ٽيڪنڪيِ وياکياڻ سنڌيءَ ۾ ڏني اٿمِ.
توڙي پهرين وياکياڻ ڀانيان ٿو ته درازن ۾سچل جي ورسيِءَ تي ننڍَپِڻ ۾ ڏنيِ هيمِ. شايد سائين پروانو ڀٽي سٽاءُ ترتيب ۽ پڌرائي ڪئي پي. بابا پاڻ بدران مانکي مقالو پرهڻ جي هدايت ڪئي. تنهن مقالي لکڻ ۾ پاڻ ڏاڍي مدد ڪيائون. ياد ٿمِ ته اعلاني سڃاڻپ ڪرائيدي چيو ته اديب ابنِ اديب فلاڻو هاڻ مقالو پڙهندو. ٻي سال مان پاڻ لکيو. ريڊو پاڪستانَ حيدرآباد سو مقالو ڇَٽ چوء ڦير ڪيو، سو ڪنهن منهنجي مائٽن کي سڃاڻيندڙ سنڌي بزرگ آديپور ۾ ٻڌو ۽ تنهن تي ٽپالي ڪارڊُ موڪليائوُن (تنهن زماني ۾ ماڻهن کي هِند مان لفافا گُم ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو لڳندو هو، تنهن ڪري ڪيترا رڳو کليل ڪارڊ موڪليندا هُئا جِن کي پاڪستاني سيِ آئي ڊيِ کولڻ بنا پڙهيِ سگھي. گذري چار ڏهاڪڙا اچي ٿيڻ تي بيٺا آهن، ڪِنِ ڳالهينِ جون يادون مرڻ ڪنڌيءَ تائين ڀانيان ٿو رهندم.
هڪ نظر هيڏاهن ـــ لفظن جي معنا لاءِ هتي (يا مٿي گِلاسريِءَ تي) ٺَڙَڪ هڻندا.
ديارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج ۾
سرفراز جاه شمسي اوڀرَ بنگال مان پناهگيرُ بڻجي آيو هو. هوُ ذاتَ جو بِهاريِ هو. بنگلا ڏيهه ۾ آزادي جي جنگ
پي هلي، سندس مائٽن فيصلو ڪيو ته ڪيرُ بهِ کٽي، هِت رهڻ هاڻ اَسَنمَڀَوَ هوندو ؛ بنگال ۾ سلامتي سان رهڻ اَڻ ٿيڻو . سال 1971 ۾ ديارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ يارهين جمات ۾ هُيم ته هوُ پِڻ اُتي شاگرد هو. ڪراچيءَ آئي اسان کي ۾ لڳ ڀڳه اڍائي ورهيه ٿيا هُئا. حبيب سِڪوُلَ ۾ ٻيا ڪِلاسي رڳو پناهگيرَ اُڙدي هُئم (هڪ اڌ ڪو پنجابي هيو، جنهن کي اُڙدي گھٻيندا هُئا). ديارام ڄيٺمل سنڌ سائنس ڪاليج ۾ هر جمات ۾ شاگردن جو انگُ به وڌيڪ هو. توڙي وري به گھڻي ڀانڱي اڙديِ پناهگيرَ هُيا، پر اُتي ٻيا به گروه سِڪوُلَ ويندا هُئا. (پاسي فوٽوُن ڪاليجَ جو هڪ منظر).
مان تڏهن يارهين جمات ۾ چوڏهن ورهين جو هُيمِ. پنهنجي جمات ۾ ٻين ٻارن کان ٻه اڍائي ورهيه عُمر گھٽ هُيَمِ. هڪ وار پهرين جمات کان ٽين جمات ٻه درجا چاڙهي ڪئي همِ، ۽ چوٿين ۽ پنجين ڪانه ڪيم (ڪي ڏيڍ سال شڪارپور ۾ رهياسي، پوءِ حيدرآباد اچڻ ٿيو ته بابا ماڊل سِڪوُل حيدرآباد ۾ سنڌي وسيلي پڙهائي لاءِ داخلا ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، سو سِڪوُل ڇهين جمات کان هيو.
ديارام ڄيٺمل سنڌ سائنس ڪاليج ۾ اٽڪلَ پنج سيڪڙو سنڌي هوندا (تِن ۾ هر جمات ۾ ٻه ٽي مڪرانيِ ۽ ٻروچ پِڻ هيا، جِنِ کي سنڌي ڳالهائڻ ته جھڙي تهڙي ايندي هُئي، پر پاڻ کي سنڌي ليکيندا هُيا. اِهي مڪراني فُٽِبالَ کيڏڻ ۾ هوشيار هيا. اُتي هِڪُ سنڌيءَ جو پروفيسرُ هو جنهن جي حوالي کيلُ پِڻُ ڪيو ويو هو . اِهو اِنهيءَ ڪري جو سنڌي ٻولي ٿورِڙا ڇوڪرا کڻدا هُئا، سال ۾ چار پنج مَسُ هوُندا ۽ سڀُ سنڌي (اڙدُي ، پنجابي ۽ ٻيا سنڌ واسي سنڌي ڪڏهن نه کڻندا هئا) . هِيءُ پروفيسر جنهن جو نالو هاڻي وِسريم پيو، لياريءَ پاسي رهندو هو ۽ اُتان ٻن ٽن ٻروچن ۽ مڪرانين کي تِن جي فٽُبال جي قابليت ڪري داخلا جو وجُھه ڏياريندو هو، ڇو ته تنهن قابليتَ لاءِ داخلا لاءِ ڪو خاص لِهازُ واريَل هو ۽ لياري جي گھٽين ۾ ڪي شاگرد واهَ جي فٽبال راند کيڏيندا هيا (لياريِءَ جي سِڪوُلن جو حال تڏهن به چٽ هو ۽ ٻُڌوٿم ته اڃا ويتر بُڇڙو ٿيو آ) .
سنڌيُن کانسواءِ ڪي بِهاري ۽ بنگالي پِڻِ ڪاليج ۾ پڙهندا هُيا. بنگالي گھڻو ماٺ ۽ پاڻ ۾ رهندا هيا. اَهنجِيَلِ لڳندا هُيم. بنگالين جو پنهنجي آزادي وٺڻ تڏهن بهِ حقُ سمجهندو هومِ پرَ پاڪستان جيڪي اُتي ڪُڍنگا ڪرتوُتَ ڪيا هُئا تِن بابت گھڻيِ پِروُڙَ ڪانه هَمِ.
’سائين توهان ڇو گھوماٽجي ويا آهيو؟‘ ــ هاريءَ جي ساڃاهه
دسمبر هوندو ، هندستان پاڪستان جنگ جي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ بمَ پي ڪِرايا.
تڏهن بابا مانکي ۽ منهنجي هڪَ وڏي ڀاءَ کي شِڪارپور گھر موڪليو. چيائين ٻي عالمي جنگ ۾ انگلستان به ٻارن کي لنڊن مان ڳوٺن ڏانهن موڪليو هو. ياد ٿَمِ ته مان شِڪارپور هُيُمِ ته بنگلا ڏيهه آزاد ٿيو. تڏهن مان مايوسي ۾ گھوُماٽجي ويمِ. تِـتي گھر جي مالهيِ مانکان پُڇيو، ”سائين! اوهان ڇو گھوماٽجي ويا آهيو؟ چڱو ٿين، پنجاپين مان پچرَ ڇڏائي ويا. ڏولائي جا ڏينهن پورا ٿين.“ مانکي اِن ڳالهه تي اڃا عجب ايندو آهي ته هِن ويچاري اُميِ هاريءَ کي ايتري ساڃاهه ڪاڏهون آئي… همراه نه سنڌي ريِءَ ٻي ٻولي ڄاڻي، نه ڪا ٻاهرين اخبارَ پڙهيِ سگھي، نه ڪو ريڊو ٻڌي! (مٿي ڏنل شڪارپورَ جي هڪَ ماڙيءَ جو فوٽون آسم بجاراڻيءَ جو ڇڪيلُ https://www.flickr.com/photos/asimzb/
بنگلا ڏيهه ۾ پاڪستان جي انڌُ ڌُنڌُ
بنگلا ڏيهُه آزاد ٿيڻَ تي جنگ پوريِ ٿي ۽ پو ڪراچي موٽڻ ٿيم. هِڪَ ڏينهن مانسان بنگالي ڇوڪرن ڪچهري ڪئي جا اڃا ياد ٿمِ. چيائون ته هوُ ڏيهه موٽڻ جي پيا ڪنِ. اُتان جي حالت پُڇيِ مانِ. خبر هين ته مان سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهيان. بنگالي ڇوڪرن گُسيل مُسيلِ آوازَ ۾ ٻڌايو ته سندن ڏيهه ۾ پاڪستاني فوجين گھڻي رتوڇاڻ ڪئي آهي؛ لکن جو قتل عام ڪيوٿن . لکن بنگالي ماين سان زوريِ زناءُ ڪيو ٿن.
https://www.genocidebangladesh.org
ذولفقار علي ڀٽي جي رهبري تي آسرو
تِنِ ڏينهن ۾ سائين ذولفڪار ڀٽي جي حڪومت آئي هُئي. سندس گڏيل قومن سلامتي سڀا ۾ ڏنل تقريرون ٻڌيون هُيمِ. ڏاڍيون زوردار لڳنديون همِ. تِن جون سٽوُن ياد بيٺيون هم. ڪڏهن وينهجھيِندي ٻارارڻي ۾ ورجائيندو هُيمِ. تنهن ڪري مانکي اِنهن ڳالهين تي اڃا تڏهن ويساهُ ڪونه پي آيو … سوچيم ته اينئين ڪينئين هوندو؟ اسانجو وڏو رهبر اهڙن وڏن ظالمن جي حق ۾ دنيا اڳيان ڪهڙي منهن سان ڳالهائي سگھي ها؛ اکيوُن نه لڄائِنسِ ها؟ ڪيِنئَن پاڪستان جي نمائندگي ڪري اهڙي ناحق کي ريٽي ڇڏيو هوندائين؟ تِن ڏينهن کان وٺيِ ڪيترائي ورهيه تنهن جي اَنڌ ڌُنڌُ ريٽيِندڙَ ڪِردار لاءِ بهانا سوچيندو رهيمِ. خيرُ. پنهنجا ڪرمَ هر ڪو پاڻ ڀوڳي. چوڻي آ، ”مُئا پِرَ، پِٽجن هيلَ.“ هاڻ انهيءَ ڳالهه تي گھڻو زورُ به اجايو. ڪي سپنا رُڃَ.
سرفراز جاه شمسيِ چيو ته حالت اُتي بُڇڙيِ هُئي. الائي ڇا ٿيو هوُندو. اسان گھڻو اڳ اچي ويا سي. پرَ ٿورا مهنا ٿيا هِڪُ بِهاري ڇوڪرو بنگال مان آيو آهي. اُنهيءَ سان هليِ ملئون ٿا. تنهن کي خبر هوُندي. هوُنئن به توکي مِلڻ گھرجي. هوُ ڏاڍو هوشيار ڇوڪرو آهي. آمريڪا وڃي پيو. اِنهي همراه سان هليِ ملياسي. ڀايان ٿو ته ديارام ڄيٺمل ڪاليج جي گنگا رام الائي ميٺا رام نالي سراءِ (”هاسٽِلَ“) ۾ رهيو پيو هو. پڇيومانس ته چيائين ها، بنگالي ڇوڪرا سچُ ٿا چون اُتي گھڻي ڪَلوُرَ ٿي آ. پاڪستاني فوج گھڻي رتو ڇاڻ ڪئي آ. وڏا ظالم ها. پنهنجن مائٽن جي ڳڻتي هُيس. چيائين ڪنهن وسيلي ڀاڳ سان منهنجو اچڻ ٿي ويو پر منهنجا مائٽ اڃا اُتي آهن. بنگالي بهارين تي ٻاهين ۾ آهِن جو ڪيترن بِهارين پاڪستاني فوج کي آڌار ڏنو. هن جو ڀاوُ ڪراچيءَ ۾ اُڙدِين جي ڀاوَ کان صفا ٻيو هو.
ڪراچيءَ جا گھڻائي اُڙدي تڏهن بنگالين کي رڳو گاريون ڏيندا هُئا، جڏهن ڳالهائين ته چوَنِ ته ”اڃا وڌيڪ بنگالي مارين ها ته چڱو ٿي ها.“ اهڙيون ڳالهيون آمريڪا ۾ نيوُيارڪ شهرَ ۾ سبتمبر اا، 2001 جي ڏهڪاوَپِڻي کانپوءِ وري ٻڌم ته ڪِن اڙدين واتان نِڪتيوُن ”اڇا هوئا، اب اِن ڪو ڀي لگي تو پتا پڙا ڪي ڪيسي محصوص هوتا. يه مسلمان مارتي هين، وغيرا، اِن ڪو مارنا سواب (ثواب) هي.” الاجي ڪٿان اهڙو بغض ۽ ڪينو ماڻهن من ۾ اچي! جنهنجو کائِجي تنهنجو ڳائجي واري ڳالهه ته پري، هِتِ پناه به وٺن، سڀ حق ۾ مِلنن، ته به نه ڪو درد نه همدرد.
آمريڪا جي يونيورٽين بابت ڄاڻ
قصو ڪوتاه.. اپريل جو مهنو هوُندو. سرفراز جنهن بِهاريءَ وٽ وٺي پي هليو ، تنهن لاءِ ٻڌايائين ته سو بِهاريِ ويو پي آمريڪا. پڇيو مانس آمريڪا ڪاٿي؟ چيائين ايم آئي ٽي يونيورسٽيءَ ۾ بيچلر ڪرڻ ٿو وڃان. سرفراز چيو ايم آئي چوٽيِءَ درجي جيِ يونيورسٽي آهي. پڇيو مانس ته مهانگي هوُندي، ٻڌو آ ته آمريڪا جا خرچا وڏا آهن. چيائين ها، پنج هزار ڊالر ساليانو خرچو آهي، ساڍا ٽي هزار پڙهائي لاڳ، ٻيو رهڻ ڪرڻ، ڪتاب وغيرا لاءِ. (پاسي ڏنل فوٽوُن 1973 ۾ منهنجي پاسپورٽ لاءِ ورتل آهي جيڪو اُتان نقُل ڪيو اٿم).
پنجٽيهن ورهين ۾ اگھَـ ڀئَڪائجي (انگريزيءَ ۾ ”اِنفِليٽ ٿي“) ويا آهن، هاڻي آمريڪا جي ٽِڙي وارن يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو خرچو پنجاه هزار ڊالر بيهي.. تعليم جي خرچو اٽڪل ست سيڪڙو سالياني چاڙهه (جوڙي وچون وَهُـ يعنيِ ”ايوَريج“) ڪندو آيو آهي. سو ٿيو ڏهن ورهين ۾ ٻِٽو (چاڙهه تي چاڙهه لڳائبو)، ويِهن ۾ چوهوُڻ، ٽيهن ۾اٺهوڻ، وغيرا). پاڪستان جي راڄنيتيِ مَتوَن (سرڪاري ”پاليسين“) ڪري ڊالر جو اگھُ پاڪستاني رُپين ۾ اڃا ڀئڪائيل آهي؛ تِن ڏينهن ۾ ڊالرَ اٺين نائين رپئي هيو (۽ ٻاهر تعليم لاءِ پاڪستان حڪومتَ پنجين رپئي ڏيندي هُئيِ. هاڻ اِهو 60 رپيا مٿي هڪ ڊالر آهي.
پڇيومانسِ ته تُنهنجا مائِٽَ بنگالَ ۾، توُن هِتي سنڌ سُڃَ ۾، ايڏو ناڻو ڪِٿان آڻيندي؟ چيائين ته ايم آئي ٽي وارا وظيفو ڏين پيا. ڪي خانگيِ يونيورسٽيوُن آمريڪا ٻاهران داخلا ملندڙَ ڪن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گھرج آهر وظيفا ڏينديوُن آهِنِ؛ پرَ اهڙين يونيِورسٽينِ ۾ داخلا ڏُکي ملندي آهي.
مان تِن ڏينهن ۾ سوداوَ ۾ هيمِ ته اِنٽرَ (ٻارهين جماتَ) کان پوءِ ڇا ڪجي. اِنجنري جو شونق ڪونه هُيمِ. وگيان (سائنسَ) سان چاهُ هُيمِ. اِها ڳالهه به سمجھي ويو هومِ ته پاڪستان ۾ وگياني تعليمَ جو ميارُ ڪِريل آ. تِيستائين سوچيو هوم ته اِهو اڻ ٿيڻو هوندو ته ڪو مُلڪ کان ٻاهر وڃي سگھبو ــ بابا پينشِنِ بردار، هزار رپيا مهوار پِنشن مسِ؛ امان ٿوري ڊاڪٽري غريبن لاءِ ڪري. پيسن جي سدائين کوٽ هُجي. پاڪستان جا حال، ٽيهه ورهيه ايمانداريءَ سان بابا وڏو آفيسرُ ٿي رهيو، هاڻ کائڻَ جي پوُرتَ مسين مسين ٿي .
وگياني ٿيڻ مُراد همِ. سو هاڻ طريقو اڳيان. بسِ تنهن مهَلَ اِرادو ڪيم ته به آمريڪا پڙهائيءَ لاءِ ڪنهن
چوٽيءَ تي يونيورسٽي ۾ پاڻُ پُڄائِبو. همتِ مردان مددِ خدا. لڳه ڀڳه ڏيڍ سال پوءِ سورهين ورهين جي عُمرَ ۾ سنڌ ڇڏي ڪيلفورنيا اُڏاميم. ڪيلٽيڪ، جنهن يونيورسٽيِءَ ۾ ڪنهن پاڪستانيءَ کي تيسيِتائين داخلا ڪانه مِلي هُئي، وظيفو ملي بيچلرَ ڪرڻ پُڳم. (پاسي فوٽون يونيورسٽيءَ جي هڪَ سراءِ (هاسٽلَ) جو آهي).
ڪيلٽيڪَ ۾ داخلائون ۽ وظيفا اڃا ساڳين ميارن تي ٿين..
https://www.admissions.caltech.edu/about
ڪيلٽيڪَ جو مِثلُ هو، ”سچُ آزاد ڪندُوِ“
“The truth shall make you free“
رڻُ ڇڏي روجھوُن ، ڪا ڏس چِتائي ھَليوُن؛
جيلھان مُند اُٺا نه مِينھڙا ، تيلھان ٿيون ڪوجهوُن؛
لَڪَنِ جون لوجهوُن ، جِرَين جالِڻَ ھَليوُن
(سچل)
جيلِهان (جمع ــ جيلانهيِنِ) ڇو ته، ڇو جو، جو سبب آهي
تيلِهان تنهن جي نتيجي ۾ (انگريزيِءَ ۾ ”ديئرفار”)
ڪوجھو بي ڊوءلو؛ ڪُروُپ ؛ بدشڪل (وِروڌ پَڌُ يعني اُبتڙ معنا لفظ ڇٻيلو)
لَڪُ جبلن وچ لنگھُ؛ ڏُکيِ راهه
لوجھَ جُٺيِوُن ڦٽيِوُن
جِرَين گھڻو مٿي؛ چڙهيل؛ اُچو
جالڻ صبر سان ڏکيائوُن سهڻ
]]>
سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو ۽ اُڙدوُ
بلاگَ لکي ڪيئي مهنا گزريا آهن. ڪيئي وارَ بِلاگُ لکڻ شروع ڪيوٿمِ پرَ وري پورو ڪرڻ جو وقت ڪونه مِليو آهي. پوئين ڊسمبرَ ۾ توُنسِيا، ۽ ويجھڙائيءَ ۾ دُٻئيِء ۽ ايرانَ وڃڻ ٿيومِ. اِنهن ڏيهنِ بابت پنهنجا ويچارَ اڃا لِکڻا اٿمِ. هڪ وار تعليمَ جي مقصدن بابت بِلاگ لکڻ شروع ڪيُو هومِ ته سائڻِ بينظيرَ ڀٽي جي قتلَ جي خبر مليِ ۽ اِهو بِلاگُ پڻِ اَڌوُرو رهجي ويو جو تنهن ڏُک ڀري دُرَگھَٽنا ڪري سنڌَ جي آهُن ڀري وائيويلا ٻڌڻ لاءِ خبرُنِ ۾ پنهنجو سمورو موهُ پئجي ويومِ. تِنِ ڏينهنِ ۾ پاڪستان جي ٽي ويِ پِڻِ پهريون ڀيرو ڏٺمِ. هتي خبرُن لاءِ سنڌي ڪسيِ (چينلُ) ”ڪي ٽيِ اينِ“ ڳنڍَ ڄارَ تي ايندي آهي پرَ تنهن وقتِ اِنهيءَ ڪسيِءَ تي سنڌَ جي ڪا خبرَ نه پي ڏنئوُن.
منهنجي زالَ ٻنِ ڏهاڪڙن مٿي گذري مانکي پهرين وارَ اڙدوُ اخباروُن پڙهندي ۽ اُڙدوُ ٽيِ ويِ ڏسندي عجب کادو. پڇيائين، ”اڙدوُ اڃا سمجھڻ سولي لڳيئي؟“ پوين ٽيهنِ ورهين ۾ رڳو ورلي سرلي ڇَٽَ ڇه ماهِ پڙهي هوُندمِ. وقتُ ٿورو هوُندو اٿمِ. انگريزي ڇڏي، سنڌي پڙهڻ جو شونق هوُندو اٿمِ. اڙدوُ پڙهڻَ لاءِ وقتُ ڪونه ڪڍندو آهيان نه ڪا اڙدوُ ڳالهائيندڙن سان گھڻي سنگتَ رهيِ اٿمِ. ڪجهه جرمنِ به سکي هيَمِ پرَ اُها هاڻ گھڻي ڀاڱي ڪتب نه آڻڻ ڪري وسري ويئيِ ٿمِ.
پَرَ ستيتا چئجي ته اِها اڙدوُ اڃا پڪيِ يادِ بيٺي اٿمِ. اٺين جي وچ کان ٻارهين ڪلاسَ ڪراچيءَ ۾ ڪئي هَمِ. نائين ڏهينءَ ڪلاس ۾ ڪراچي بورڊَ ۾ اڙدوءَ جا پرچا ڏنا هيمِ جن ۾ منهنجيون ناموري مارڪوُن (78 سيڪڙوِ) هيوُن. يارهين ۾ ڏيارام ڄيٺملِ ڪاليجَ ۾ سنڌي جو پرچو ڏِنُمِ، جنهن ڪري ٻارهيئن ڪلاس ۾ سوَلي (سَليس“) اڙدوُءَ جو پرچو ڏيڻو پيومِ. الاجي، ڪرڪڻ واريِ ڳالهه نه ٿيندي ته انهيءَ سولي اڙدوُءَ واري پرچي ۾ وريِ رڳو لڳُ ڀڳُ 65 سيڪڙو مارڪوُن مِليمِ. مانکي ڪِنِ ٻڌايو ته انهيءَ کان مٿي مارڪوُن سوَليءَ اڙدوءَ جي پرچي ۾ ڏيندا ئي نه هُئا. ڪِن جو چوڻ هو ته اڙدوُ پرچي جي پَدُ ڪڍندڙَنِ کي خبرَ آهي ته اِهو پرچو اڙدُيِ ڇوڪرا ڪيِنه ڏيندا آهن. تِنِ گھٽِ مارڪُنِ جو نتيجو اِهو جو منهنجي ڪراچي بورڊَ ۾ بيهڪ ٻي نمبر تي آئي، پهرين بيهڪ واري ڇوڪري کان چار جوڙَ مارڪوُن گھٽ هُيمَ. سڀِن جا ڀاڳ پنهنجا.
اهڙي غيرَ پَڇاڙڻُ هونديِ. پرَ وڏنِ جون دعائون اٿمِ، خير سان منهنجي رهڻيءَ تي نيٺ تنهن غيرَ پَڇاڙڻي جو ڪو اثر ڪونه پيو. اڳيئي آمريڪا اچڻ جي تياري ڪندي هِتان جا امتحان پِڻ ورتا همِ ۽ آمريڪا جي هِڪ مُکي يونيورسٽي ۾ داخلا سان ڳڏُ پڙهائي لاڳُ ۽ رهڻ جي خرچي لاءِ وظيفو مليو هومِ. جيسين ٻارهيئن ڪِلاسَ جا نتيجا نِڪتا، مان آمريڪا جي پَرڳڻي ڪيليفورنيا ۾ ڪيلٽيڪ يونيوسٽيِءَ https://www.caltech.edu ۾پنهنجي اڳتي پڙهائيءَ ۾ رُڌَلُ هُيمِ.
اُڙدوُ لفظُ
مان اُردو بدران اُڙدوُ لفظُ ڪتب آڻيندو آهيان. اُڙدوُ لفظ پُراڻو سنڌي لفظ آهي، جيڪو سائين اَلاما آءِ آءِ قاضيءَ موجب اردو لفظ جو اصلي اُچارُ آهي. اِهو لفظ پراڻي نارڊڪ (اُتر يورپي) ڏيهن جي اولائڪيِ ڌرمَي آکاڻين ۾ ملي ٿو. اُڙدَ کي پوڙهي ڏائڻِ ليکبو آهي جيڪا نورنَ ديوينِ مان هڪَ آهي.

پاسي فوٽوُن ڏائڻ ڪنهن کي بند ڪڙيُنِ ۾ وجھي پئي ــــ
اِنهيءَ ڏائِڻ بابت هڪُ ويب صفحو هِنَ ريِتِ لکي ٿو
“The Norns were depicted in three stage of womanhood. Verdani as a young maiden, Skuld as mature woman or a mother, and Urda as an old hag.”
https://www.timelessmyths.com/norse/aesir.html
سائين پروفيسر الاما قاضيِ وڌيڪ ٻڌائن ٿا ( سائين عبدالغفار سومري جي ترجمي موُجب ـــــ
ليڪن شروع کان وٺي لفظ ”اڙدو“ هڪ خاص مفهوم جو حامل آهي. جنهن ۾ دهشت يا خوف جو عنصر شامل آهي. اِها ساڳي معنويت مٿي ذڪر ڪيل ”اڙد“ ديويءَ جي بوتي مان به ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا ”تقدير“ جي عرفيت ۾ واقعي خوف پيدا ڪندڙ آهي.
دنيا جي تاريخ ۾ اسان کي اهڙا دؤر به ملن ٿا؛ جنهن اهڙي انبوهه يا لشڪر جي روپ يا دهشت کي به فيصله ڪن سمجهيو ويو آهي.
https://sindhiadabiboard.com/Catalogue/Sufism/Book1/Book_page8.html
هرَ ٻوليِ پنهنجي جاءِ تي پرَ هِنَ ٻولي جي نالي ۾ اسان لاءِ ڪهڙو نه اُپَمان (اِستعارو) آهي! (مشق ـــ انهيءَ ترجمي مان ڪي اوڌر لفظ ڪڍي نج سنڌي لفظن جو ورتاءُ ڪبو ته ٻولي جي مٺاڻ ٻي ٻڌڻ اينديِ).
ٻيو اُڙدوُ ڳالهائيندڙن لاءِ اڙدُي لفظُ ڪتب آڻيندو آهيان. اِهو لفظُ انهيءَ ڪري لکندو آهيان جو سنڌَ ۾ آيل پناهگيرَ اصُل ۾ گھڻيئي ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. ڪي گُجراتي، ڪي ڪونِڪِي، ڪي مرهاٽيِ، وغيرا. اِنهن سڀن جو اڙدوُ سان ناتو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جو آهي. هاڻي افغان جنگ کان پوءِ پٺاڻ ۽ ٻيا افغان پناهگيرَ به سنڌ پُڳا. تنهن ڪري اڙدُي لفظُ پڌري معنا رکي ٿو، جينئين سنڌي ڳالهئيندڙ ماڻهون سنڌي سڏبا، گجراتي ٻولي ڳالهائيندڙَ گجراتي، تينئين اُڙدو ٻولي ڳالهائيندڙن کي اُڙديِ سڏڻ گهرجي.
اينئين چوڻ سان اِهو پڻ پڌرو ٿئي ته ٻيا ماڻهون اُڙدي ناهن. اُڙدوُ ڳاڻَ ڳڻيِ (محدود ۽ مخصوص) ٻولي آهي جيڪا رڳو اڙدُين جي مڃبي ۽ اسان لاءِ ڌاريِ رهندي. هوُنئن اڙدوُ هندي ٻوليءَ جو هِڪُ روُپ آهي، جنهن پراڻي ۽ پکيڙيلَ ٻوليءَ ۾ ڪي فارسي جا وڌيڪ لفظ وِڌا ويا آهن ۽ جنهن جي لپيِ ڦيرائي ويئي آهي. لپيِءَ ۽ ٻوليءَ جي وشيش جي ڳالهه ٻي ٻيِ آهي؛ ڏسندا لپينِ تي بِلاگُ ”ظ ظالم، ز زالَ، ته پوءِ ذ ڇا لاءِ؟“
هندي اُڙدوءَ جو اڄوڪي سنڌيءَ تي اثر
ڪي ورهيه ٿيا، مُمبئيءَ وڃڻ ٿيومِ. سائين رميش ڪٽيجا مانکي هڪَ ناليور سنڌي ليکڪ وٽ وٺي هليو جنهن جو نالو هاڻ وسريم پيو. ليکڪ ڳالهه ڪئي ته سنڌي ٻولي لکندڙن ۾ سنڌ توڙي هند ۾ سنڌيءَ جو هاڻ جَسُ نه رهيو آهي. اڄوڪيون اخباروُن ۽ ٽي ويِ ڏسڻ سان پڌرو ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي ۾ نه رڳو هزارين ڌاريا لفظ نِجُ سنڌي لفظن جي جاءِ وٺن پيا، پرَ سنڌي وياڪرڻ به ناسُ ٿي پئيِ. هڪَ مخزنَ ۾ پڙهيم، مقالي جو سرنامو هِنَ ريت ڏنل هو ــ ”بينظير ڀٽو جو قتل!” سنڌي ٻوليءَ جي سونهن هڪ ته هِنَ ريت آهي ته تنهن ۾ لفظن جي فاعل مفعول واريِ ڪارائتي ڦيرَ سان لفظ ڦيرائبا آهن. اِئين ڪرڻ سان جُملن ۾ سنڌي لفظن جي ترتيب کي ڇوڙَ هوندي آهي، ۽ اِها ترتيب معنا ڦيرائڻ بدران زورُ ۽ جذبو ڏيکاري سگھندي آهي. ”ڪتي ماڻهوُڻ ڏٺو“ کي ”ماڻهون ڪتي ڏٺو“ ۽ ”ڏٺو ڪتي ماڻهون!“ ڪري لکڻ سان معنا (ڪنهن ڪنهن کي ڏٺو) نه ڦرندي جو ”ماڻهوُنءَ ڪتو ڏٺو“ ڳالهه لفظن جي ٻين روُپن سان چئجي ٿي.
اها سنسڪرتَ ۽ لاتني ٻوليءَ وانگي معنائي لفظي جوڙ سنڌي وياڪرڻ جي سُهڻي مامَ آهي جيڪا لفظن جي ترتيبَ کي ڇُڙُ واڳَ ڏيندي اِنهن ٻولين ۾ شائري ۽ جذبن جي پڌرائي لاءِ سولائي ڪري ٿي ڇڏي. سنڌي وياڪرڻ بابت ڏسندا
https://www.linguistics.uiuc.edu/jscole/Sindhi%20work.htm
سنڌي ٻوليءَ جو لَمڻو؟
ٻوليون سدائين لفظ جزب ڪنديون هلنديون آهن. پرَ ٻولي گيان ٻڌائن ٿا ته ٻوليون ٻِن ريتن سان لَمڻجي ويِنديوُن آهن. هڪُ لمڻ (گُم ٿيڻ، غائب ٿيڻ، اُڏامي وڃڻ) جو ڪارڻ اِهو هوندو آهي ته ڳالهائيدڙَ ٻارن کي ٻولي ڪونه سيکارين. ٻيو ڪارڻ ڪنهن ٻي ٻولي جو اثر. جڏهن ڪا بيٺڪ ڄمائيندڙ قومَ سرڪاري آفيسن، ڌنڌن ۽ سماچاري وسيلن تي قبِضو ڪري پنهنجي ٻولي هلائي ٿي، ته دٻيل قوم جي ٻولي تي ايترو اثر ٿي وجھي جو اُها ٻولي ٻن ٽن ٽَهين اندر بيٺڪ ڄمائيندڙ ٻوليءَ جا لفظ ۽ وياڪرڻ کڻي پنهنجو روُپُ الوُپ ڪيووڃي.
Of the estimated 7,000 languages spoken in the world today, linguists say, nearly half are in danger of extinction and
likely to disappear in this century. In fact, one falls out of use about every two weeks.
Some languages vanish in an instant, at the death of the sole surviving speaker. Others are lost gradually in bilingual cultures, as indigenous tongues are overwhelmed by the dominant language at school, in the marketplace and on television.
Only one person remains who knows Siletz Dee-ni, the last of many languages once spoken on a reservation in Oregon.
https://www.nytimes.com/2007/09/19/science/19language.html
سنڌي ٻولي ۾ تِکائي سان ڌاريا لفظ ڀرجن پيا
ڪراچي حيدرآباد ۾ ڪي سنڌي ٻارن سان سنڌي ڪونه پيا ڳالهائِن. پرَ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اِنهيءَ کان وڏو جوکو ڌاريا لفظ ۽ سنڌي وياڪرڻ جي ڀڃ ڊاه آهي. سائين فرهان شيخَ لکن ٿا ته نِجُ سنڌي لفظ ڪتب آڻڻ گھرجن جن بدران اخباري ليکڪ ڦيرائي اڙدوُءَ وارا لفظ (يا اُڙدوُءَ واري معنا سان لفظَ) ڪتب پيا آڻين. هيٺين فهرست سندن ڏنل آهي، اِنهيءَ ۾ هڪ اڌ ڦيري مان ڪئي آهي. ٻه چارَ اڙدوُ جا ڏنلَ لفظ سنڌي ۾ ٻيءَ معنا سان لڳن ٿا، جيئين مِلڻ ”حاصل ڪرڻ، لڀڻ، جزب ٿيڻ“ واريون معنائون رکي ٿو، جڏهن اُڙدوُ مان ”ملنا“ لفظُ گڏجڻ لاءِ پڻ ڪتب اچي.
ENGLISH ــــ اڙدو ــــ سنڌي
*Daily* ــــ روز ــــ ڏيهاڙي
*that* ــــ ڪِه ــــ ته
*Although* ــــ حالانڪه ــــ جيتوڻيڪ
*If* ــــ اگر ــــ جيڪڏهن
*Provided* ــــ بشرطيقه ــــ جيڪڏهن
*Perhaps, may be* ــــ شايد ـــــ متان
*Pure* ــــ خالص ــــ نِجُ
*If Only* ــــ ڪاشِ ــــ جيڪر
*Always* ــــ ھميشه ــــ سدائين
*At least* ــــ ڪم از ڪم ــــ گھٽ ۾ گھٽ
*I think, believe* ــــ سمجھان ٿو ــــ ڀائنيان ٿو
*Talk* ــــ گفتگو ــــ ڳالھ ٻولھ
*Negotiation* ــــ مذاڪرات ــــ ڳالهيون
*deficiency* ڪمي ــــ اوڻائي
*Dearth, shortage* ڪمي ــــ کوٽ، گھٽتائي،اَڻاٺ
*secret* خفيه، راز ــــ ڳجھو،ڳجھ
*Blot* ــــ داغ ــــ چُٽو
*Hold* ــــ پڪڙڻ ــــ جھلڻ
*Prevent, Stop* ــــ روڪڻ، منع ڪرڻ ــــ جھلڻ
*Prevention* ــــ روڪ ،پرھيز ــــ جَھلَ
*Last* ــــ آخري ــــ پويون
*clear* ــــ واضع ــــ چِٽو
*exposed* ــــ ظاھر ــــ پڌرو
*Habit* ــــ عادت ــــ ھَير
*air* ــــ ھوا ــــ ھِير
*Bored, fed up* ــــ بيزار ــــ تنگ، بِرُ
*wisdom* ــــ سمجھ ــــ ساڃھ
*despair* نراسائي ــــ مايوسي
*childhood* بچپن ــــ ننڍپڻ
*Rain* ــــ بارش ــــ مينهن
*Beginning, start* ــــ شروعات ــــ منڍ
*end* آخر ــــ پڇاڙي
*Conclusion, Finish* ــــ ختم پڄاڻي،ڇيھ
*Result* نتيجو ــــ پاڇي، تت
*Vicinity, Locality* ــــ محلو ــــ پاڙو
*Grocery* ــــ ؟؟؟؟ ــــ پسارُ
*Grocer* ــــ ؟؟؟ ــــ پساري
*Stuff* ــــ سامان ــــ ٽَپَڙَ
*Trade* ــــ تجارت ــــ وڻج، واپار
*Trader* ــــ تاجر ــــ واپاري
*Merchandise* ــــ سودو، مال ــــ وَکَرُ
*Merchant* سوداگر ــــ وڻجارو
*Shop* ــــ دُڪان ــــ هَٽُ
*profit* ــــ فائدو ــــ لاڀ
*beneficial* ــــ فائديمند ــــ لاڀائتو
*Loss* ــــ نقصان ــــ هاڃو،چٽي
*Harmful* ــــ نقصانڪار ــــ ھاڃيڪار
*Yield* ــــ پيداوار ــــ اُپت
*cultivate* ــــ پيدا ڪرڻ ــــ اپائڻ
Value, Price* ــــ قيمت ــــ مُلُھ
*wealth* ــــ دولت ــــ ناڻو
*Surplus, sufficient* ــــ ڪافي،ڪثير ــــ جھَجھو
*more (than enough)* ــــ زياده ــــ گھڻو
*Obtain, acquire* ــــ حاصل ڪرڻ ــــ ماڻڻ
*Estimation* ــــ اندازو، تخمينو ــــ ڪاٿو
*useful* ــــ ڪارآمد ــــ ڪارائتو
*Bargain, Haggle* ــــ ??? ــــ رِيڙھ پِيڙھ ڪرڻ
*Pay* ــــ تنخواھ ــــ پَگھار
*Need* ــــ ضرورت ــــ گھُرج
*Needy* ــــ ضرورتمند ــــ گھُرجائو
*employment * ــــ نوڪري ــــ ڪِرتَ
*Occupation* ــــ ڪاروبار ــــ ڌنڌو
*Laborer* ــــ مزدور ــــ پورھيت
*Work labor* ــــ مزدوري، محنت ــــ پورھيو، ڪارج
*Partner* ــــ حصيدار ــــ ڀاڱيوار
*greed* ــــ لالچ ــــ لوڀ
*Greedy, avaricious* ــــ لالچي ــــ لوڀي
*mistake* ــــ غلطي ــــ ڀُلَ
*Guess* ــــ قياس ــــ ٽَلَ، ڌڪو
*Monopoly* ــــ ???? ــــ هِڪ هَٽي
*Place* ــــ جڳھ ــــ هَنڌُ، ماڳُ
*As per* ــــ موجب، مطابق ــــ پٽاندڙ
*Plot, conspiracy* ــــ چال، سازش ــــ سِٽ
*Scheme, Plan* ــــ منصوبو، تجويز ــــ رِٿ
*step* ــــ قدم ــــ اُپاءَ
*solution* ــــ حَلُ ــــ نبيرو
*Attack, assault* ــــ حملو ــــ ڪاھ، اُلَرَ
*victory* ــــ فتح ــــ سوڀ
*victorious* ــــ فاتح ــــ کَٽڻَھارُ
*present* ــــ تحفو ــــ سوُکڙيِ
*about* ــــ تقريبن ــــ لڳُ ڀڳ
*Additional* ــــ اضافي ــــ واڌو، وڌيڪ
*Positive* ــــ مثبت ــــ ھاڪاري
*Breakthrough* ــــ پيشقدمي ــــ اڳڀرائي
*Party* ــــ جماعت ــــ ٽولي
*Team* ــــ ؟؟؟ ــــ وَلَر، جٿو
*warning* ــــ تاڪيد ــــ چتاءُ
*Freedom* ــــ نجات ــــ ڇوٽڪارو
*Exempted* ــــ مثتثنا ــــ آجو
*Involved* ملوث ــــ اڙيل
Complaint شڪايت، فرياد ــــ دانهن
Complainant ــــ فريادي ــــ دانُھيندڙ
Notorious ــــ بدنام ــــ نالي چڙھيو، ڏاٺِيَلُ
Famous ــــ مشھور ــــ ناليرو، نانوَ چڙهيو، نامي، نالي وارو
*Remnants, signs* ــــ آثار، علامت اھڃاڻ، ڏَسُ
*rough treatment* ــــ زيادتي ــــ ڏاڍائي
*Submit* ــــ اطاعت ڪرڻ ــــ آڻ مڃڻ
*Approve* ــــ قبول پوڻ ــــ اگھامڻ
*Submission* ــــ اطاعت ــــ آڻ
*Confess* ــــ اقرار ڪرڻ ــــ باسڻ
*Offer, propose* ــــ پيشڪش ڪرڻ ــــ آڇڻ
*Offering* ــــ نظرانو ــــ ڀَيٽا
*sacrifice* ــــ قربان ڪرڻ ــــ گھورڻ
*Freedom* ــــ آزادي ــــ آجپو
*concern* ــــ فڪر ــــ اونو
*opinion* ــــ سوچ ــــ ويچار
*Apprehension* ــــ خدشو ــــ اُڊڪو، سنڪو
*Anxiety, Fear * ــــ انديشو ــــ اُلڪو
*Reliance, trust* ــــ ڀروسو ــــ آڌار
*Current* ــــ موجوده ــــ هلندڙ، هاڻوڪو
*Forecast, predict* ــــ پيشن گوئي ــــ اڳڪٿي
*Current Affairs* ــــ حالات حاضره ــــ واءُ سُواءُ
*Assembly* ــــ مجلس ــــ سَڀا، منڊلي
*Future* ــــ مستقبل ــــ آئيندو، اَڳنا
*vanished* ــــ گم ــــ الوپ
*Ordeal* ــــ درد، مصيبت،عذاب ــــ پيڙا
*Injuries* ــــ زخم ــــ ڦَٽُ
*Injured* ــــ زخمي ــــ ڦَٽِيل
*Exiled* ــــ جلاوطن پَرَواسي
*Meeting* ــــ ملاقات ــــ گڏجاڻي
*Meet* ــــ مِلڻ ــــ گڏجڻ
*congregation* ھجوم ــــ ميڙ، ميڙاڪو
*conference* ــــ اجلاس ــــ سميلڻ
*Permission* ــــ اجازت ــــ موڪل
*Message* ــــ پيغام ــــ نياپو
*Condemn* ــــ مذمت ڪرڻ ــــ نندائڻ
*criticism* تنقيد ٽيڪا ٽپڻي، ڇوھ ڇنڊ
*hunter* ــــ شِڪاري ــــ ماري، آهيڙي
*Defense* ــــ تحفظ ــــ بچاءُ
*Control* ــــ ضابطو ــــ وَسُ
*Serious, complex* ــــ سنجيده ــــ ڳَنڀير
*Terror* ــــ دھشت ــــ ڏهڪاءُ
*Terrorist* ــــ دھشتگرد ــــ ڏهڪائيندڙ
*struggle* ــــ جدوجھد ــــ جاکوڙ، مٿاڪٽ
*Adventure* ــــ ؟؟؟ ــــ ڏاکڙا
*Function* ــــ مقصد، مطلب ــــ ڪَارِجُ
*Resolution* ــــ قرارداد ــــ ٺھراءُ
*Noise* ــــ شور ــــ هُلُ، گوڙ
*silence* ــــ چپ ــــ ماٺِ
*story* ــــ ڪھاڻي ــــ آکاڻي
*Transparent* ــــ شفاف ــــ نِرمَلُ
*Unusual, different* ــــ الڳ ــــ نيارو
*Wanderer, Itinerant* ــــ خانه بدوش ــــ رمتو، رول
چنڊَ ڏانهن سفرُ
”وَلوُ! ماڻهوُن چنڊَ ڏي پيا وڃن.“
”سائين، ڪڏهن؟“
”سڀان اُتي لهندئي.“
ولوُ ڳوٺاڻو ڇوڪرو هو. هاريءَ جو پُٽ هو. ڪڏهن سِڪوُلَ ڪونه ويو هو. ڪراچيءَ اسان وٽ ڪمُ ڪرڻ مائٽن موڪليو هو. اسان جي گھر ۾ سدائين ڳالهه ٿيندي هُئي ته ڪنهن سِڪوُل ۾ موڪِلجيسِ. اٽڪل ڏهن ورهين جو هوُندو. سمجھو ته تڏهن مان جيڏي عمرِ هوُندسِ. کيس ڪا پروڙَ ڪانه هئي ته ڄمُ ڏينهن ڪهڙو، يا عمر گھڻي هوندي. ڪراچي ۾ پاڙي ۾ سرڪاري سِڪولُ اڙدوُءَ ۾ هيو (تڏهن خانگي سِڪوُلَ مهانگا ۽ تِن ۾ داخلا ڏُکي). ولوُءَ کي اڙدوُ ڪانه اچي. پناهگيرٻارن ۽ ماسترن جا مٿس گُھٻا هُجنسِ ها. پرَ انهن حالتن جي الائي ڪيتري ساڃاه هويم. هوشيار ڇوڪرو لڳندو هومِ. ارمان رهندو هومِ ته کيسِ ڪا اوسَرَ ڪانه مِلندي. ڪنهن شاعرَ جو ڪلام، جو سال ٻه ٿيا ته پڙهيو هوُندُم، ٿورو ڪجھه هِنَ ريتَ ياد اچيم…
مون جيڏيون ڪيڏيون اکيون
تِنِ ۾ لُڙڪَ هزارَ…
ڪراچيءَ ۾ سالُ رهيِ شِڪارپورَ مائٽن وٽِ موٽيِ ڀڄيِ ويو. الائي جيون ڪينئن گذريو اٿسِ… پاڪستان پنهنجن ٻارن جي تعليم بدران فوجُن تي خرچا ڪري. تنهن ۾ انساني ناتا به عجيب. فساد پسندن جي زور ڪري تِتي سياستدان وڏيون فوجون ڌارڻ ۽ ڏهاڪاءُ پکيريندڙ جھاز ۽ بمَ ٺاهڻ لاءِ وڏا خرچا ڪرڻ عيب نه سمجھن جيتوڻڪِ ٻارن لاءِ سِڪوُلَ کٽلَ ته ڪتابَ چٽِ، ماسترن جون پگھارون ايهڙيون جو سڃا…
چنڊ تي ماڻهون لهڻ جي خيال تي سوچ ۾ پئجي پيو. ڪُڇي، ڪيئن پيا وڃن؟ وڏي ڏاڪڻ ٺاهي اٿنِ؟ مان ڄانڀو (راڪيٽَ) بابت سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪئي. وڏي ڄانڀوءَ مٿان وڏو وِماڻَ ڏوڏو رکيائوُن جنهن کي ڄانڀوءَ ڌڪو ڏيئي مٿي آسمانَ چاڙهي چنڊ ڏانهن ڏوڙايو، وغيرا. ولوُ سوچ ۾ پئجي ويو. ڳالهه پوري سمجھه ۾ به پي آيسِ. ڀانيان ٿو وري به شڪيِ ناستڪ هيو. وري به سوچيائين ڏِسجي، متان هوُندو. .
چوٿين ڏينهن ولوُءَ مانکان اچيِ پُڇيو. ”سائين، اڃا ته چنڊَ تي ڪونه پُڳا آهن. ڪڏهن پڄندا؟“
ورايُم ته پڳي ٻه ڏينهن ٿين.
پُچيائين، ”اڃا اُتي آهن؟“
ورايُم ته لٿا، ٿورا ڪلاڪ رهيا ۽ هاڻ موٽن پيا. ..
چيائين، ”نه سائين! ڪاٿي؟ مان روزُ راتِ چنڊ ڏانهن پيو نِهاريان، مانکي ته ڏسڻ ۾ ڪونه آيا آهن. اِها اِئين ئي ڳالهه هُلائي هوُندن. اڳي ٻه ڳوٺ ۾ هُلايو هئائوُن ته سڄَ کي ڪانڌي ڏيندا، وڏي ڀت ٿا ٺاهين، سدائين اونڌاءِ ٿي ويندي“.(مٿي ڏنل رڱڻو وِڪي ڪوش مان کنيل آهي)
پوئين مهني آمريڪا جي قومي وِماڻَ گيان ۽ اوَڪاش انتظاميه )”نيشنل ايروناٽڪس اينڊ سپيس ايڊمنسٽريشن“)
جي ڪوٺاهيل وِگياني گڏجاڻيءَ لاءِ هوُسٽن شهرَ ويو هومِ. وِماڻَ گيان ۽ اوَڪاش انتظاميه (جنهن کي ناسا ڪوٺيندا آهن) سال 2020 ۾ چنڊَ موٽڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن.
https://www.nasa.gov/mission_pages/exploration/multimedia/index.html
هِن وارَ پروگرامُ اٿَنِ ته چنڊ تي وِماڻڪا پانڌي (”ايسٽراناٽَ“) ڇهه مهنا کن چنڊ تي رهائجنِ جيئين ڪنهن ڳاڏيءَ ۾ چڙهي سڄيءَ چنڊ سَپاٽَ تي گھُمن. اِهو ڪمُ ڏکيو آهي جو چنڊ تي ڪي روڊَ ته ناهن، کڏوُن، ٺڪرَ، وغيرا ٿين. ڳاڏي ڀڳي ته ڪي مرمت ڪرڻ جا ڪارخانه ڪونهن. گھرُ ٺاهڻ جو به مسئلو آهي جو نه اُتي پاڻي نه سِران (وِچولي ـــ سِروُن) نه ڪاٺ… ساه کڻڻ لاءِ هوا به ڪانهي، ڌرتي مان هوا کڻي وڃڻي پئي ۽ اِنهي کي ورائي ڪتب آڻڻ جهڙي ڪرڻي پوي.
اهڙا وڏا مقصد سماج لاءِ رسالتَ بڻجي وڃن ٿا. تِن کي پڄاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيئي ترڪيبوُن اُڪَتَڻِ (ايجاد ڪرڻيون) پون. وِگيانن جون ڪيئي گڏجاڻيوُن ٿِين. پهريان خيال يونيورسٽين مان گھڻو ڪري اچن، جِن تي جوان شاگرد ۽ پروفيسرَ ڪَمُ ڪن. مثال ته چنڊ هلڻي ڳاڏيءَ لاءِ چُٽَ هلي پئي. ڪِن اهڙيوُن ڳاڏيون ٺاهيون آهن جن ۾ ڦيتن سان گڏ پيرَ به هجن جيئين ڪاٿي ڦاسي ته ڌڪو ڏيئي ”پيرُ“ کڻي گاڏي نڪري سگھي. چنڊ تي ڇو ته هوا ڪانهي، گھرُ رپڙَ جو ٺاهي سگھبو جنهن کي ڪنهن طوفان جي لوڏي لڳڻ جو ڀَءُ نه هوُندو. تنهن گھر کي چنڊ تي هوا دٻائيدڙُ ڪلن مان ڦوڪي وڏو ڪري سگھبو. اوهان اِنهيءَ پروگرام بابت ناسا جي مٿين ڪڙيءَ تي پڙهي سگھو ٿا.
هرَ وگياني اُڪَتَ (ايجاد) کان پهرين تنهن جو تصَورُ پيدا ٿيندو آهي. وگيانن کان پهرين نقاش اديب، شاعرَ، رڱڻيندڙ،
وغيرا اُنهي ڳالهه جو تصور ڪري چُڪا هوُندا آهن. سماج جي سَڀيتا اِنهيءَ ڪري اهڙن ماڻهن جي کليل سوچ ۽ خيالي تصَوُرن سان اڳتي وڌي. مٿي ٻه سنڌي لفظ ڪتب آندا اٿمِ جيڪي پڙهندڙ اڳي نه ٻڌا هجن. ڄانڀو ٺاهي ته صديون ٿيون (تنهن جا ڦٽاڪا سنڌين ڏٺا) پرَ وِماڻُ لفظ ڪاٿئون آيو؟ هِن وگياني دور کان گھڻو اڳُ، مادي وماڻي ڏوڏن جي انجنري ۽ وماڻ گيان هجڻ کان اڳ، سنڌي اوَڪاش جو سيرُ ڪندي چنڊ تي خيالي اُڏند کَٽولين ۽ وماڻي گولن ۾ پُڳا هُئا جنهن جي شاهدي سندن لوڪ آکاڻيون ڏين ٿيوُن.
اٽڪلَ ٻه هفتا ٿيا ته هِڪَ روشن پُڇڙَ (جنهن کي ڌوم ڪيتُ ۽ چوٽيدار تارو به ڪوٺيندا آهن، جيتوڻڪ اِهو تارو ناهي، ۽ سيارن کان به گھڻو ننڍو) جو ڌرتي پاسان لنگھ ٿيو. (پاسي تنهن جو فوٽوُن ڏسندا جيڪو هيٺين ويب جاءِ تان کنيل آهي (اُتي وڏا فوٽوُن ڏسي سگھو ٿا)
https://www.skyandtelescope.com/community/gallery/skyevents/10796976.html
اُترَ اڌ ڀون ۾ اِهو روشن پُڇڙُ چِٽو ڏسڻ آيو پي. انهيءَ کي ڏسي، ننڍپڻ جي ياد آيم… شڪارپورَ ۾ کَٽُنِ تي ٻاهر
سمهندا هاسي؛ اوُنهاري ۾ ڇتِ تي، سيارو جو هِڪ مهنو ڇڏي، ٻين ۾ اڱڻ ۾. تڏهن شهر ۾ آڌي رات خاص بتيون ڪونه هيون، تنهن ڪري آسمان ۾ تارا چِٽا ڏسڻ ايندا هيا، سي تارن ڀريون راتيون، جڏهن ٿڌي هيرَ اونهاري جي هُٻسَ پوري ڪري.. الو ميان! جهڙي ڪمال جوڳي ڏيکَ کان هاڻ روزُ نِراس آهيان.
تارن کي ڏسندي تِن ڏانهن سفر ڪرڻ جو سوچندو هومِ. تڏهن پِروڙ ڪانه هيم ته هوُسجَ جهڙا ۽ ڪيترائي سج کان به گھڻا وڏا آهن ۽ اُنهن جي تپش ڪيڏي آهي. جڏهن تارن وچ فاسلن جي ٻيٽ پيمِ، ته انسان جي جڳ ۾ بي معنائي جو لهاز ٿِيُمِ. پراڻي دور کان وٺي پندرهن سوَ ورهيه اڳُ، سنڌين آسمان ڏانهن نهاري، اهڙيون ماپُن جو اندازو ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ آڪاش نِروار جي وگياني سمجھ جو گھڻو واڌارو ڪيو، جنهن سان جڳ ۾ اوَڪاش ۾ مُهندسي هڻڻ جي ڍنگن جي ٻيِٽ پئي. ڏِسندا، هوُسٽن واريون ”سِلاڊون“ جيڪي منهنجي اڳين بلاگ ۾ ڏنل هيوُن (ڀُلنامو ــ ڪنهن پڙهندر لکيو ته انگريزيءَ ۾ رُوهِڙي بدران روڙهي لکيو اَٿمِ).
https://shikarpuri.wordpress.com/wp-content/uploads/2007/01/gmsyed-pub-2007.pdf
نه ته ڪيترن ئي پُراڻن سماجن ۾ اِها به خبر ڪانه هئي ته چنڊ ڌرتي جو ننڍو سيارو پاسي ۾ آهي. چنڊ ۽ سج جي سيارن کي ست جنتون سمجهندا هيا!
]]>پوئين هفتي پڙهُيمِ سُڀان کان (نومبر 25) وٺي ٽي ڏينهن فقير بيدل جو عُرسُ ملهايو پيو وڃي. فقير جي حياتي ڏاڍي ويچار جوڳي آهي. جوانيءَ ۾ فقيرُ پنج وقتَ نمازي هو. مسيِت ويِندي اجرڪ مٿي تي ورائي مُنهُن ويڙهي هلندو هو تي متان ڪا اهڙي شئي يا آدم ذات آسي پاسي ڏسڻ نه اچي جنهن سان هِرکي وڃي. پَرَ ليکو ڪيرُ مٽائي نه سگھي! هڪَ ڏينهن نماز پڙهڻَ ويو پي ته هوا جو جھوڪو لڳو ۽ مُنهَن تان نظر ڍڪيندڙُ لٽو لٿسُ. پاسي ڏسي ته ڪنهن جوان ڇوڪري تي نظر پينِ. سو دلِ لڳي ڪيرُ جھلي؟ ڏاڍو سُهڻو لڳُنِ ۽ تنهن سان دل ۾ يڪدمَ عشق مجازي جاڳيُنِ. تڏهن نماز جو خيال لهيِ ويُنِ ۽ ڌرم جون رسموُن وري نه ياد ڪيائون. انهيءَ کان پوءِ فقيِري جي واٽ ڌاريائون ۽ عشق حقيقيءَ جي ڪنهن وڏي منزلَ تي پُڳا. سو پهتل فقير ٿو ڏات ڏي
مذهبَ واري قيدَ کون بيدل
عشقُ ڪندءُ آزادُ
عشقَ جي صوفياڻيِ راهَه ”همه اوُست“ (سڀ هوُ آ؛ همه معنا سڀُ) سڃاڻڻ جي واٽ. تنهن واٽ ۾ ڌرمَ جا جھيڙا جھٽا ترڪ، رڳو هيڪائي هيڪاند (هيڪاندُ ـــ گڏجاڻيِ، هِڪ ٿيڻ واري حالت) جي ڳولها. فقير سائين ٿا ٻڌائِن
صوفي لا مذهب تڪرارُ
هر مذهب مان آ بيزارُ
ڪي ٿا سُنيِ پاڻ سڏائنِ
ڪي ٿا شيعا پاڪُ ڪوٺائِنِ
ڳيِتُ ”هَمَه“ جو عاشقُ ڳائِن
عشقَ جو اعلا آ اِسرارُ
عُرسُ لفظ جي عربي معنا شاديءَ جو کاڌو. سنڌي ۾ معنا ڪنهن اولياءَ جي ياد ۾ ملهايل ڏيِنهُن. سو ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو (وِصال) ڪرڻ جو ڏينهن هوُندو آهي ڇو ته اِهو ماتم نه پرَ خوشيءَ جو ڪارڻ هوُندو آهي… ڇو ته تنهن ڏينهن عاشق پنهنجي حقيقي محبوُب سان ميلاپ ڪري.

”سُگھَڙَ جا حوالَ“ واري بِلاگَ تي فقير بيدل جي هڪَ ڪافيِ ڏنل آهي. هوُنئن جيسين تائين مانکي خبرَ آهي، سائين بيدل جي عقيدت مندن اڃا سندن رِسالو جڳَ پکيڙيل ڄارَ تي نه وڌو آ. اُميدَ ته انهيءَ خيرَ جي ڪمَ ۾ به ديرَ ناهي. تنهن فقيرَ جي ميلي تي ڪنهن صاحب يا صاحبڻِ وِڊيو ڪارِ گذاريِ ڪئي هجي ته ڀائيوراي ڪندا. جي جڳَ پکيڙيل ڄارَ تي فقير بيدلَ جا ڪلام آوازي درج ٿيل آهِن، تِن بابت به لکندا. (مٿيون فوٽون سکر روهڙي پاسي پُلِ جو آهي جيڪو مان 1982 ۾ ٻيڙيءَ ويندي ڇڪيو هو. سامهون ساڌ ٻيلو ڏسڻ اچي پيو).
پروفيسرُ رام پنجواڻيِءَ جنمَ ڏيِنهن ورسي
فقيرُ بيدل جي اصوُلُ موجب انسانن ۾ ڪو ڀيد ڪونه
آهي هندوُ مومن ايڪُ وچ عقيدي وحدت والي
اهڙن عقيدت مندن جي فهرستَ ۾ سُرڳواسيِ پروفيسر رامُ پنجواڻيءَ جو نالو سونهرن اکرن ۾ لکيل آهي. تازو پڙهيمُ تنهن صوفيءَ جو 97 ئون جنمُ
ڏينهن ملهايو ويو. پروفيسرَ بابت بابا مرحومَ کان ٻڌو هومُ جو ٻئي اُترادي سنڌي هئا ۽ شڪارپور پاسي ملندا هُئا. پاڻ ۾ پُراڻيِ سنگت هين (بابا پروفيسرَ کان ڇهه ورهيه وڏو هيو). امان ڳالهه ڪئي ته هڪَ ڀيري هِندَ ۾ ڪنهن ڪانفرنسَ کان موٽندي سندن ممبئي مان لنگُهه ٿيو. سو جينئن موٽي پئي ته پروفيسر دادا رام پنجواڻيءَ کي اِها خبر مليِ.. دادا هِڪدمُ ممبئيءَ هوائيِ اڏي تي بابا جي سار لهڻَ ڀَڄندو آيو.
پروفيسر پنجواڻي سنڌيت جو اوتار هو. سنڌ کا ن پري رهندي، سنڌَ کان ڪڏهن ڌار نه ٿيو ۽ سدائين سنڌڙيءَ جي ياد رهندي هُينِ. سائين پنجواڻي مشهور اديب به هُئا ته راڳي ٻه، دِلو وڄائيدا هُئا ته سَگھائتي آوازَ ۾ ڳائيندا بهِ هُئا. هيٺين ڪڙيءَ تي ”پوسٽس“ تي ٺڙڪُ هڻي ، پهريون ڀاڱو ٻي نمبر تي، وري ٻيو ڀاڱو مٿيان ٺرڪَ هڻي ٻڌي سگھندا، يا وريِ انهيءَ ويب َ صُفحي هيٺان MP3 وارن نشانن تي ٺرڪ هڻي ريڪارڊ لاهي سگھو ٿا.
https://www.gcast.com/u/shikarpuri
سندن اِها آخري چونڪيِ ٻنِ ڀاڱن ۾ ٻُڌي سگھندا؛ جيڪا چونڪيِ سائينءَ جو سنڌين نالي وصيت نامو به ليکجي. ٻڌندا ته پڌرو بيهندو ته سائينءَ کي پروڙ هُئي ته هِن دنيا ۾ سندن پويون وقت اچي پُڳو آهي؛ پروفيسر پنجواڻيِ چونڪيءَ کان ٻي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويا. پڇاڙيءَ ۾ آڇَ ڪيائون ”ڀڳوانَ! ٻيو جنمُ ڏيِن ته وري به سنڌڙيءَ ۾ سنڌوُ ءَ ڪِناري.“
]]>
ڏسُ ــــ پڙاڏو سوسڏُ ُ
ٻُلهڻِين بابت سنڌي شعر ڏسڻ آيُم. (ٻهوُن معنا وڏي انداز سان، نمونن سان)
ٻَهوُن گھمن ٻُلهڻيون ساڻ تنين سير (حفيظ)
جيئين ڳالهه پي ڪيم، ٻُلهڻين کي ٽِپڻ ڪُڏڻ ۽ سير ڪرڻ جو گھڻو شونق هوُندو آهي؛ جيڪا ڳالهه ڏسندي شعر سائين حفيظَ جي دل ۾ آيو هوُندو جنهن جي تُڪَ مٿي ڏنلَ آهي. حفيظ ۽ سندس شاعري بابت ڪا ڄاڻ نٿم، ڪو پڙهندڙ سڃاڻين، ته تِن بابت لکندا؛ جي اِهو شعر اڳتي وڌيڪ اچين ته لکي ٻڌائيندا. مٿين تُڪَ (شعر جي سِٽَ) جامع سنڌي لُغتَ ۾ ڏٺم. جي ڪنهن صاحبَ يا صاحباڻيءَ کي ٻُلهڻين بابت ٻين سنڌي شعرن يا سنڌي لوڪ آکاڻين جي ڄاڻ هجي ته ٻڌائيندا.
آمريڪا سميت گھڻن ئي ملڪن ۾ ٻلهڻين جي شڪارَ تي پابندي لڳائي ويئي آهي. افسوس ته جپان ۾ اڄُ به سامونڊي ٻُلهڻين جو شڪار ٿئي. انهيءَ ڳالهه کي گھڻا ماڻهوُن هاڻ واهِڻو (جھنگلي، بي رحمي) سمجھندا آهن. تنهن ڪري هر سال اعتراض وٺندڙ جپان وڃي مُظاهرا ڪندا آهن ته جئن ماڻهن ۾ احساسُ وڌي. هيٺين وڊيو اهڙن اعتراض وٺندڙن جو هِڪُ تازو ڌرڻو ٿي ڏيکاري
https://video.nationalgeographic.com/video/player/news/animals-news/japan-dolphins-apvin.html
ڏَسُ ـــ آمريڪا وڃڻَ جيِ ٽِڪَسَ
سائين فرهان شيخَ لکن ٿا ته شاه ڪريم بلڙي واري جو بيت هِن ريتِ آهي
جي پُڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وِيرَ،
جو لَکَڻُ ۾ ماڙُوهِين ، سو ڪُلَکَڻُ ۾ کير
لَکَڻُ جوُن ٻه معنائون مِلن ٿيوُن ــــ هڪ پرکڻ، ڏسڻ وائسڻ، جانچڻ؛ ٻيو عادت، ارڪان، خصلت. لغت موُجب مراد ٻي معنا آهي. ڪُ لفظن اڳيان گڏبو آ ٻِن مان هڪ معنا ڏيڻ لاءِ ـــــ هڪ بڇڙو، ردي، ناچڱو (جِئن ڪُسَنگُ)؛ ٻيو بي، بِنا، کانسواءِ. ڪلُکَڻ معنا ڪُلَڇڻُ، يا جيڪو بي لڇڻو هجي. کير تي آوازي نشان ناهي ڏنل، پرَ ڀانيان ٿو ته بيتَ جي تُڪبنديِ موُجِب اِهو کِيرَ هجڻ گھرجي، جنهن جي معنا مبارڪ (ڏيڻ)، واڌائي (جنهن لفظ جو جمع کيروُن آهي). سو بيتَ معنا (عام) ماڻهن ۾جِن ماڻهن کي اِها خصلت آهي، سي جڻ بي لڇڻن ۾ واڌائيءَ لائق ٿيا.
اِها ٿي منهنجي سمجھ بيتُ پڙهيِ، پرَ ياد رکجي مان سنڌي ٻولي نڪو سنڌي شاعري ماهِرُ آهيان، جيون وِگياني ۾ ڪاٽيو ٿمِ. سو تنهن سمجھ سان بيتَ جي پهرين تُڪَ جي معنا اکر به اکر موتي لعل جوتواڻيءَ ترجمو ڪندي ڏِني. ٻيءَ تُڪَ جو ترجمو تمثيليِ ٿو لڳيمُ. اڳتي اديبن کي وڌيڪ ڄاڻ هوُندي.. هيءَ سَمڀَوَ به آهي، متان سائين جوتواڻيءَ کيِرَ بدران کيِرُ لفظ سمجھيو هُجي. اهڙن ڳالهين ڪري سنڌيءَ لاءِ سنڌي عربي لپيِءَ جي ڪوتاهيِءَ جي اَنڀَوء اٿمِ ڇو ته لپيِ زيرُن زبرن هڻڻ تي زور نه ٿي ڏي؛ هٿان اِنهن کي قلمَ سان لکڻ لاءَ وڌيڪَ گھڪا کَپن جنهن ڪري ماڻهون عام تور لکڻ ڇڏي ٿا ڏين.
(لپين بابت ڏسندا منهنجو بلاگُ ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇالاءِ )
بيتَ تان ڳالهِه ياد ٿي اچيمِ…. جڏهن آمريڪا ڪاليجَ پُڳُمِ ته گڻت گياني متن اَپاري ڪٿَ (”ڪيلڪيوُلسَ“) جي ڪِلاسن جو سٺو ڏکيو سِلسِلو کڻڻو پيم. وگياني ۽ انجنري متنن لاءِ اَپاريِ ڪَٿَ ماهري لازم آهي. اَپاري ڪٿ پاڙهيندڙُ وڏو مشهورُ پروفيسر ڊين نالي هيو. آئي ڪي هفتا ٿيا هوُندا، پروفيسر ڊينَ ڪنهن ٻي پروفيسرَ کي منهنجي نالي چيو ته هيءُ ڇوڪرو ڏاڍو هوشيار آهي. مان به پاسي ۾ بيٺو هومِ. چيومانسِ،” سائين! هتي ته سڀ ڇوڪرا ڏاڍا هوشيار آهنِ.“ (جنهن يونيورسٽيءَ ۾ مان بيچلرَ لاءِ ويُو هوسِ سا آمريڪا جي ڏُکي ۾ ڏُکي يونيورسٽي ليکبي آهي). چيائين ”مسئلا سَلڻ ۾ سڀِ هوشيار آهنِ، پر ڏنل مسئلا توڙي ڏکيا هُجن، سي سلڻ سولو آهي، چڱا سوال سوچڻُ ڏُکيو. چڱا سوال پُڇَڻ وارا ڪي ڪي هوندا آهن ۽ سي ٻين کان گھڻو اڳتي ويندا. تنهنجا سوالَ اوُنهيِ سمجھه ڏيکاريندڙ هوُندا آهن.“ اِنهيءَ ڳالهه مانکي تڏهن ايتري تَپرَسَ ۾ وڌو جوسا ڳالهه اڃا ياد بيٺيِ اٿم؛ تنهن اڳُ سوچيو هوم ته ڏکيا مسئلا سَلڻ وڏي هوشياري جي نشاني آهي. هاڻ هِنَ وڏي پروفيسرَ جو چوڻ هو ته اوُناهيون کوٺيندڙ سوال سوچڻ تنهنکان اڃا ڏکيو. تنهن ڳالهه کي ٽيٽيهه ورهيه ٿيا. اڄُ پنهنجن شاگردن ۾ اِها خاصيت ڏسڻ جي ڪندو آهيان؛ بيشڪ تنهن تجربي ڪار پروفيسر جي ڳالهه منهنجن پنهنجن تجربن سان به ملي ٿي ۽ تنهن ڪري پڪ سان سچُ لڳيم.
خيرُ. ”جي پُڇڻا سي نه منجهڻا “ اڄُ به مشهور سنڌي پهاڪو آهي. سوچيُم پي ته الاجي هيِءَ سورهين صديءَ کان اڳُ به چوڻي هئي جيڪا بلڙيءَ واري شاهه سائينءَ ڪتب آندي؛ يا وري اها چوڻي شاه بلڙيءَ واري سائين جي بيت مان نِڪتيِ. ڪو سورهيِن صدي کان اڳ جي ڪتاب اهڙي ملي جنهن مان اِها سُڌَ پوي!
شاه ڪريم بلڙيءَ واري بابت ٿوري لکَه هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تان ڏسندا
https://www.voiceofsindh.net/sindhiadab/articals/33.htm
]]>
سنڌو ٻُلهَڻِ جي وِساڻي
انسانن جي ناداني، لوڀَ ۽ آهِنڪارَ ڪري ڪيترن ئي جانورن ۽ پودن جي وِشيشن جي وِساڻي اڳئيي ٿي ويئي آهي. ڪي هفتا ٿيا ته بيِ بيِ سيِ خبر ڏني ته قدرت بچاءُ جڳَ ايڪتائيءَ (” اِنٽرنيشنل يونين فار ڪانسرويشن آف نيچرُ“) پنهنجي رپورٽَ ۾ سورهان هزار کان مٿي اهڙن وشيشن جي فهرست ڏني آهي جيڪي وِساڻيِءَ جي اوُنداهيِءَ جي دَرَ تي بيٺيون آهن.
وِساڻي هميشه لاءِ ٿئي، جيڪي جانور ۽ پودا ڪوڙين ورهين کان هن سنسارَ ۾ هلندا هليا آهن تِنِ جا اَنگ ايترن ٿورن صدين اندر گھٽبا ويا ٿين جو سندن قِسمَ وري ڪڏهن هِن ڌرتي تي وِک نه کڻندا. اِهڙين وساڻين جا ڪيترائي بڇڙا اثر پون ٿا
ــ اسان جوُن ايِندڙَ ٽهيوُن اِهي يگاني جاندارَ ڏسڻ کان نِراس رهنديوُن، تِن لاءِ قدرتَ جو رنگ ٿورو گھٽُ، ۽ جهان جا
نِرالا آواز ويتر خاموش هوندا ــ ڄڻُ وَرکاڪَ (ورکا يعني مينهن جي اِنڊ لٺِ) مان ڪي رنگَ کُٽلَ هجن. رڳو اِنهن جيُوَ دارن جا فوٽا ڏسي سگھبا. پاسي فوٽوُن ڏکڻ آمريڪا ۾ سئر ڪندڙن جو آهي جيڪي اميزان نديءَ ۾ ٻيڙيءَ تي ٻُلهَڻِ ڏسڻ وڃن پيا. قدرت ۾ جانورَ ڏسڻ سان انسانن جي گھڻي روح رهاڻ ٿئي ٿيِ ـ اهڙن سئر ڪندڙن جي سِٽَ ڪري مقاميِ ڌنَ ۾ مليَنن ڊالرنِ جي اُپت پوي. سنڌي محمان نواز ماڻهون دنيا جي لکين سئر ڪندڙ شوقينن جي محماني ڪرڻ کان نِراس رهجي ويا آهن جيڪي اهڙا يگاني جانور ڏسڻ لاءِ گھڻا پنڌ ڪن ٿا.
ــ قدرت جي هموزني کي نقسان رسندو.. اِنسان گھڻن جاندارن ۾ رڳو هڪڙو جاندار آهي. سندس گُذر هِتي قدرت جي هموزني کي تَڳائڻ ۽ نه تِڳائڻ سان مُمڪن آهي، قدرتَ سان هم آهنگي ڪري رهڻ اِنسان وشيشُ تَڳندو.
ــ انسان کي ڪو اخلاقي حق ناهي جو ٻين وِشيشن جي نسلَ وساڻيِ ڪري. وِساڻي ٿيڻ کان اڳُ ڪيترن ئي جانورن جو جيئاپو آزارُ ٿي ويندو آهي . ٻوُٽن جي وِساڻي سان اُنهن تي جن جانورن جو گذر مدار آ، تن جي جياپي تي اثر پئي ٿو. اسان جي روايتيِ عقيدي موُجب اُنهنِ بيگناهن جي ڏُکن سوُرن جي آهَ انسان ذاتِ تي پِٽَ لڳائيندي.
جي هن وِگياني دورَ ۾ پِٽَ جي ڳالهه اسان نِرالو وهمُ بهِ کڻيِ ليکيئون، ته به سوچڻ جي ڳالهه آهي ، ته جن انسانن جا اهڙا ڪرتوُت آهن جيڪي ٻين وشيشن جو وُجود پورو ڪندي ڪو ارمان نه ٿا ڪنِ، ڇا تِن جي سوچَ اهڙي ناهي جو بربادي رسائيندي هلندي؟ ڇو ته ڌرتيِ هِڪ ٻيڙي جِئان چئجي جنهن ۾ هرُ مسافر گَڏُ سفرُ پيو ڪري، تنهن ڪري سڀنَِ انساننِ کي ٻين انسانن جا ڪرتوُت ڀوڳڻا پوندا. فارسي ۾ چوڻيِ آ، ”طمع را سِه حرفيِ، سه حرفي خالي“ (لوڀَ ۾ ٽي اکر آهن، ٽي ئي خاليِ ، جو انهن اکرنِ ۾ ڪو نُقتو ناهي).
جاندارن جي وِشيشن جي وِساڻي جا ٽي ڪارڻ آهن؛ ٽيئي انسانن جي کوٽن ڪمن ڪري
1. شِڪار
2. آلايش
3. جيئاپي جي وسيلن (زمين، پاڻي، وغيرا) تي انسانن جي بئٺڪَ.
سنڌوُ ٻُلهَڻِ
وساڻيِ ڪنڌيءَ آيل وشيشن مان ڪيئي وِشيشَ سنڌ جا رهندڙَ آهن. بِلاگ مٿي سنڌوُ ٻُلهڻِ (ڊالفن) جو فوٽون وڌو اَٿمِ. اِهو يگاني وِشيشُ به وِساڻي جي ڪنڌي تي وڃي پُڳو آهي، جيتوڻڪ سنڌي اِنهن جو شڪارُ هاڻي نٿا ڪن. ڪنهن هنڌ پڙهيو هومِ ته قديم سنڌينِ ٻُلهڻنِ کي وڏو مانُ ڏنو هو پر انهيءَ ڳالهه جي تصديق هيلَ تائين ڪنهن اصُلي تاريخي ڪتابَ مان ڪانه ڪري سگھيو آهيان. انهيءَ وشيشَ جي ٻي ڌارڪَ گنگا نديءَ ۾ رهي (سُئِزِ ڏيهه جي جيِوَ وگيانيِ جارجُ پِليريءَ پهرين سنڌوُ ٻلهڻ تي ڪمُ ڪيو ۽ سندس انهيءَ بابت ڪتاب اڃا مياري مڃبي آهي. پروفيسر پليريءَ اِنهن ٻِنهي ٻُلهڻِ کي ٻه ٻيا وِشيشن جا قِسمَ سمجهيا هُئا، پر هاڻي وگياني گنگا ۽ سنڌوُءَ جا ٻُلهڻِ هڪُ ئي وِشيش جا ٻه جُدا ڌارڪَ ليکيندا آهن) . ٻِنهيِ هندن تي اِنهيءَ ٻُلهڻِ جا انگ ايڏا گهٽ ٿي ويا آهن، جو بچاءُ ڏکيو ٿو لڳي. سنڌوُءَ ندي ۾ بندش وجھندڙ بيراجن ۽ پاڻي ۾ شهرن، ڪارخانن جي آلايش ، سندن جياپو ڏکيو ڪري وڌو آهي.

جڳَ ۾ نديُنِ ۾ رهندڙن ٻُلهڻنِ جا رڳو ٽي وشيشَ ماڻهن ڏٺا ـــ هڪُ گنگا سنڌو ٻُلهڻِ، ٻيو چيِن جي يانگتسي ندي ۾ ، ۽ ٽيون
ڏکڻ آمريڪا جي وڏي نديءَ ايميزان وارو ٻُلهڻِ. هاڻ يانگتسي ندي ٻُلهڻِ، جنهن کي چينيِ باجيِ ڪوٺيندا هئا ۽ جنهن بابت ڪيئي چيني لوڪَ آکاڻيون هيون، تنهن جي وِساڻي ٿي ويئي آهي. ڪيترن ورهين کان ڳولهيندي جيِوَ گيانين هِڪُ به باجيِ ناهي لڌو. مٿي فوٽون هڪَ باجيءَ جو آهي جِن جي اڄُ وساڻي ٿي چُڪيِ آهي. ڪو به هِنَ جهڙو جانورُ وري نه ڏسيِ سگھندو.
ٻُلهَڻِنِ جا ڳُڻَ
سنڌوُ ٻُلهڻِ ڏسڻ کان هيل تائين نِراس رهيو آهيان. سنڌوُ ٻُلهڻِ جو قدُ ۽ اٽڪلَ وزن ماڻهُن جيڏو ٿئي. پرَ سامونڊي ٻُلهڻِ سانتيڪو وڏي سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ مان ڏٺا اٿمِ جو اِهڙن ٻُلهڻنِ جي هڪَ وشيشَ جا ٽولا هوائيِ ٻيٽنِ پاسي گهُمندا آهن ۽ تِنِ کي ڏسڻ ٻه ٽي وارَ ويو آهيان. . سامونڊيِ ٻُلهَڻِنِ جو ماڻهنِ کان ٻيڻ ٽيڻ وزن هوُندو آهي، ۽ سندن قَدُ ڏيڍوُڻ. ٻُلهڻِ پَرمَلُ جانور آهي؛ هوُ ڳوڙهنِ (آتَـڻُن) ۾ رِلڻِو مِلڻو هُوندو آ. هوا ۾ ٽپَ ڏيڻُ جو شونقُ هوُندو اٿنِ. (پاسي سامونڊي ٻُلهڻيون کيڏيندي ڏيکَ جو هڪُ رڱڻُ ڏسندا؛ رنگُ ساز ڪونه ڄاڻا ته ڪيرُ، انهيءَ جو فوٽون مورانيِيِو َ ڪٿي ڇڪيو آهي).
گڏيل قومن پسگردائي سِٽائِڻي سالُ 2007 کي ٻُلهڻِ جو سال ُ مقرر ڪيو آهي. ٻُلهڻيون اوَهَدار جانورَ آهن (سندن ٻارَ پنهنجي مائُرَن جو کيِرُ پِيَن). توڙي ٻُلهڻِ پاڻي ۾ رهي ۽ ٺاهوُڪو تاروُ ٿئي، هُن کي ساهَ کڻڻ لاءِ پاڻي مَٿُ اچڻو پوي ڇاڪاڻ ته اَوهَدار جانور هوُندي، مڇين وانگر پاڻي مان ساهُ کڻي ڪونه سگھي. جيڪي ٻُلهڻِ نديءَ ۾ رهن سو ٽُٻيون هڻي درياههَ جي ترائين تائين پُڄي سگھنِ ۽ پنهنجو ساهُ ڪيئي منٽ جهلي سگھن. سمنڊ ۾ رهندڙ سوين ميٽرَ هيٺ گهراين ۾ پُڄَنِ.
ٻُلهڻِ کي ساهَ کڻڻ لاءِ سدائين پاڻ اوجاڳو ڪرڻو پوي، پرَ ٻين مُرڪب دماغ وارن جانورن وانگر نِنِڊ جي به گھڻي گھرج اٿسِ.. تنهن ڪري ٻُلهڻِ نرالي ڍنگ جي ننڊ ڪندي آهي، جنهن ۾ اَڌ دماغ سُتل ته اڌ جاڳيل ! (جنهن ڳالهه جي تصديق سندن دماغي ڦرڪڻن جي ڇانٽ سان بحري جيِوَ گيانين ڪئي آهي). نِنڊَ ۾ ٻُلهڻِ جي هِڪ اک بند، ته هِڪ اک کليلِ، ننڊ روز اٺ ڪلاڪ ايِنئي ڪري.
ٻُلهڻِ جو دماغ ُ چڱو وڏو هوندو آهي. گھڻيئي ڳالهيون ياد رکي سگھي. هڪُ ٻي سان ٻُلهڻيون ڪچهري به ڪنديوُن آهن پر تِن جي ٻولن جي مُرادَ اڃا وگياني پوري ڪونه سمجھي سگھيا آهن.
پڙاڏي ٺِڪاڻو لهڻُ
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
(شاه)

ٻُلهَڻِ سڏَ ڪري شئين مان پڙاڏا ٻڌيِ تِنِ کي پرکندو آهي. هِڪَ سڪينڊَ ۾ 800 ٽِڪِ ٽڪِ جا سَڏَ ڪري تنِ آوازن جي ڦرڪڻن جي اولڙائي مان قدُ بتُ ۽ روپ پرکي ۽ حسابَ ڪڍي ته نه رڳو ڪهڙي ٺڪاڻي تي پراڏو ڏيندڙ شئي آهي پرَ اِها ڪهڙي شئي آهي. ٻيشڪ پرکڻ بِنا شئيُن جي ڪا پنهنجي حقيقت ناهي، هرَ شئ گڏيل هيڪائي آهي؛ اينئين چئجي ته پڙاڏو به هڪ وائي آهي جيڪو وَرُ ٻڌي ٻُلهڻِ شئين جي ٻيائي ٿو پرکي! (منهنجي چوڻ جو مقصد هيءُ ناهي ته مانکي ڪا پڪَ آهي ته شاهه سائين جي مٿين بيت مان ڪا اِهڙي مُراد هُئي؛ ڄاڻان ٿو ته روايت موُجب ٻي مُرادَ ڪڍندا آهن). ڇو ته پاڻيءَ ۾ ڄڀَ سان ڳالهائِڻ ڏکيو، ٻُلهَڻ ٽِڪِ آوازَ مٿي تي ڦوڪڻيِ ٽُنگ مان هوا کي ٻاهر ڪڍي وڄائي. ٽڪ جي رفتار ۽ سڏَ جي خاصيت ڦوڪڻيِ ٽُنگَ کي سُسائي ۽ وڌائي ڦيرائي. اهڙيءَ ريِتِ ٻُلهَڻِ هڪَ ٻي سان ڳالهائيندا به آهن .
پڙاڏي ٺِڪاڻو لهڻَ مان پراپَٽِ هيءَ ته اِنهي ڪاريگري هلندي ڏينهن هجي توڙي راتِ جي اونداهي هجي، نديءَ جي پاڻيءَ ۾ لَٽُ هجي، يا سمنڊَ جي پاڻيءَ ۾ لوُڻُ هجي، توڙي اهڙن سببن ڪري اِها شئي اکُين سان ڏسي به نه سگھبي. پڙاڏي ٺِڪاڻي لهڻَ جي ڪاريگريءَ ۾ هاڻي وگياني به ماهِر ٿيا آهن… نادُ ماپڪ اوزار ٺاهيا ويا آهن جيڪي اَتيِ آوازَ هڻيِ (اَتيِ آوازَ معنا جن جي ڦرڪڻي رفتار انساني ڪَنَنِ پرکڻائي آوازَ کان گھڻو مٿي)، پيٽ سان مايُنِ اندرُ ڳَڀُ (گَرڀُ)، کيکڙائي ڪُٽيا، ۽ سريرَ اندر ماسَ تَنتوُ ڏسي سگھجن ٿا.
سنڌوُ ٻُلهڻِ ته اکين کان ڏسڻ جي قابليت ئي ذري گھٽ وڃائي ڇڏي آهي. ٻُلهَڻِ پنجاه مليَنَ ورهيه اڳُ سُڪي ڇڏي پاڻيءَ ۾ رهڻ لڳو. ڪيئي ملين ورهيه اڳُ انهن مان ڪي ندي ڏانهن ويا ۽ اُتي رهڻ ڪارڻ ڦرندا وانگي ٿيا. سنڌوُءَ ۽ گنگا ۾ رهي اوسراڻپي قانونُ موجب اِهو ڦيرُ آيو اٿسِ جو سنڌوُ درياهَه ۾ لَٽُ ايڏو ٿئي جو پاڻي اندر ڏسڻ مُمڪن ناهي. (جيڪا شئي ڪم جي نه رهندي آهي، جيِوَ گيان ٻڌائي ٿي ته قدرتَ اِنهيءَ کي ٽهيُنِ وچ ڦيريُنِ ٿيندي اوسراڻپي جي قانون موُجب نيٺ وڃائي ڇڏيندي آهي). هونئن ٻُلهَڻِ ۽ انسانن جي دماغن ۾ ايڏو فرق ناهي؛ ڪِن ٻُلهَڻي وشيشن جي ميجالي جو وزن اٽڪل اِنسانن جي ميجالي جيڏو آهي. ٻُلهَڻِ ٿورڙن جانورن وانگر پنهنجي عڪسَ کي آرسيِءَ ۾ سڃاڻي سگهن ٿا.
https://dsc.discovery.com/news/briefs/20041108/dolphin.html
اِنسانن سان ٻُلهَڻِنِ جو خاص ناتو
ٻلهڻيون هڪَ ٻي سان راندين ڪرڻ جون شونقين ليکبيون آهن. پرَ قديم رومي وگيان پلينسُ هڪ ڇوڪري ۽ ٻُلهَڻِ جي سنگت جي
آکاڻي پڻ ٻڌائي ٿو. ٻُلهَڻِ ڇوڪري سان روز ملندو هيو. (پاسي فوٽوُن ۾ مائيِ ۽ ٻُلهَڻِ جو جن پاڻ ۾ سنگتََ ڪئي آهي؛ اهڙيِ سنگت ڌارڻ سان ٻُلهَڻِکي تربيتَ پڻ ڏيئي سگھبي آهي).
ٻُلهَڻِ هڪ ٻي جو درد به سڃاڻن. جڏهن ڪو زخمي ٿي ته ٻيا هن جي پاسي رهن ۽ تنهن کي ساه کرائڻ ۾ مدد ڪنِ. ساڳي ريتَ ويَمَ مهلَ به ٻيا ٻيا ٻُلهَڻِ اچي مدد ڪندا آهن. قديم يوناني فلسفي ارسٽاٽلَ ٻڌائي ٿو ته ٻُلهَڻِ ٻُڏندڙ انسان ڪي بچائي سمنڊ جي ڪپ تائين پُڄايو آهي. تاريخ ۾ مشهور يوناني ملاحَ اوڊيسيئس جي پُٽَ تيليماخسُ جو نالو ملي ٿو جيڪو زري گھٽ ٻڏي ويو پرَ ٻُلهَڻِ کيس پاڻ تي چاڙهي پُڄايو. ڪي ماڻهون هنن پُراڻين ڳالهين کي ڏند ڪٿائون ليکيندا آهن. پر اهڙين ڳالهين جي اَڄُ ڪَلهه به وقت بوقت اسان کي خبرون ملنديون ٿيون رهن.
“There are lots of modern-day stories about people being saved by dolphins from shark attack and other desperate situations at sea. The accounts all have one thing in common – the dolphins have helped people with no apparent benefit to themselves. Here are some of the documented accounts we know about. Last year, a group of four New Zealand lifeguards were convinced they had been protected from sharks by a group of dolphins who swam in tight circles around them, thus preventing the sharks from coming close enough to attack.
In May 1978, a boat load of people were lost in thick fog off the coast of South America. Four dolphins nudged the boat through dangerous water and saved many lives.
Another dramatic account was reported in 2001 by a group of fishermen from South Carolina in the US. Their boat sank 50kms away from shore and they found themselves surrounded by sharks. A group of dolphins arrived and proceeded to drive the sharks away. They remained with the fishermen all night and the following day, warning off any sharks that came near.”
https://www.wdcs.org/dan/publishing.nsf/allweb/7B8130ABC27055D4802570B90050ABD8
اڃا به ڪِن هندن تي ٻُلهَڻِ ۽ لڳاپيل سامونڊي اوهدرا جانورَ وهيلَ کي مارنِ ٿا. سامونڊي ٻُلهَڻِ جا ٽولا ڪِن مڇين جي ٽولن جي ڀرَ ۾ هوندا آهن، تنهن ڪري ڪي ٽيوُنا مڇي ماريندڙ ماڇي سمنڊَ ۾ ٻُلهَڻِ جي ڳولها ڪندا آهن، ڇو ته ٻُلهَڻِ ساهُ کرڻ لاءِ مٿي ايندا آهن ۽ تنهن ڪري پريان پڌرا. وري وڏن جهازن ۾ هاڻي اهڙا ڄار ٿا ڪتب آڻيِن جن جيِ ميلن جا ميلَ لامَ ٿئي ۽ جنهنجي دڳَ ۾ ٻُلهَڻِ به ڦاسي پون ته ٻيون به ڪيتريون مڇيون مارجي وڃن جنکي ماڻهون ڪونه کائن.
ٻُلهَڻِنِ جي بچاءَ لاءِ مُهمَ
هاڻي ڪِنِ قياسُ ڪندڙ سخي دل مردن ۽ زائُفن ٻُلهَڻين جي بچاءُ لاءِ پنهنجي زندگي ارپائي ڇڏي آهي. ڏسندا ۽ تنهن لاءِ ڪي تنظيمون ڪم ڪن پيون. هيٺ فوٽوُن سان فرانسِسِڪو شهرَ هڪ ڌرڻي جو آهي

سنڌوُ ٻُلهَڻِ بچائڻ لاءِ هزارَ ماڻهن اَرداسَ ڪئي آهي ؛ توڙي پاڪستان ڪاسانڪ (خوُن ريزُ) حاڪمن جو ضمير ڪنهن ڳالهه لاءِ ڄاڳائڻِ ڏکيو آهي، اوهان به پنهنجو نالو اِنهيءَ ارداس ۾ درج ڪري سگھو ٿا ته گھٽ ۾ گھٽ اوهان جو نالو چڱن جي ساٿُ هوُندو ــ
https://www.thepetitionsite.com/takeaction/595915416
مان به ڪيترائي ورهيه ٿيا هوُندا ته پنهنجي جوانيءَ ۾ ٻُلهَڻِ ۽ سندس ويجھن مائٽ وشيشَ ”وهيلَ“ جي بچاءُ جيِ مُهم کي خوش خذمت سپاهي بڻجي پنهنجو وقت ڏنو آهي. جي ٻُلهڻِ انسان جو درد سمجھي سگهي ٿو، ته اِنسانَ کي به ايترو احساسُ ته ٿئي ٿو ته دردُ هرَ مرونءَ پسونءَ کي ٿئي. اسان به تنهن جو احساسُ ڪندي تنهنکي پنهنجي دردَ سان ڀيٽي سگهوُن ٿا،
ڪُونجَڙِيءَ ڪالَھ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛
آءٌ جِنين رِءَ هِتِ، گَھنگَھرَ گھارِيان ڏِينهَڙا.
(شاه)
۽ اِهڙو احساس ڌاريندي اسان جي دلين ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ لُڇڻَ جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿو. اسان جي همدردي هرَ درد مند سان ٿيڻ گھرجي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڀِٽَ ڌڻِيِ قياس منجهان ٻه پوُنگرا ڌاريا جن جي ماءُ لاپتا هُئيِ. انهن تي نالا موتيِ ۽ کينوُ رکيا هئائوُن ۽ روايت ٻڌائي ٿي ته اِهي ٻئي ڪُتا ساڻُنِ پنهنجي سڄي ڄمار گڏ پنڌَ ڪندا هلندا رهيا (ڪُتَنِ جو آيوُ دمُ لڳه ڀڳه پنڌرهان ورهيه ٿئي) ــ
هيٺين وڊيو هوائي ٻيٽن ميڙ پاسي پاڻيءَ اندر سِڪوُبا ٽوٻوُءَ ڇِڪيِ آهي.
]]>
سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، ماروُ جي مَلِيرَ جا
هِنَ بلاگَ لکڻ جو خاص مقصد سنڌ جي ماڻهن سان ويراڳي مجلسَ ڪرڻ هومِ. تنهن ڪري هجوَ آميز ڳالهه لڳندي اٿمِ ته پڙهڻ وارن مان اٽڪل ٽيون ڀاڱو سنڌ مان ايندو آهي، ۽ لڳُ ڀڳُه ساڳيو ڀاڱو آمريڪا مان. ويراڳي سفر ڪندڙن جي ڏيهن جي نسبتَ ”سائيٽِ ميٽرُ“ هِن ريتِ ڏيکاري ٿو.

متان اينئين نه هجي ته جيڪي ڳالهيون مان ڪيان ٿو سي ٻاهر رهندڙن کي سمجھڻ ۾ سوليوُن ٿيون لڳنِ جو سندن تجربو ٻيو ۽ سنڌ رهندڙن کي ڏکيوُن. مان ڀانيان ٿو ته اِنهيءَ جا گھڻا ئي ٻيا ڪارڻ هوُندا. هڪُ ته سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي حسابي ڪَلن ڳنڍيندڙ ڄارَ جي وَهڪ کِميل آهي. ٻيو ته پريان رهندڙن جي ڏيهه لاءِ سِڪَ گھڻي.. ٿي ٿو سگھي بِلاگ پڙهڻ جو شونق تنهن ڪري وڌيڪُ ٿينِدو هجينُ.
آئُون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَهارَنِ پَچارَ؟
جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُهارَ؛
ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، هِنئڙي مَنجِھ هَزارَ؛
پَکا ۽ پَنوَهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهَن ٿِيا.
ڀلو ميان… هوُنئن بِلاگ پڙهندڙن جو انگُ وڌندو ٿو رهي. ڪي ڏينهن ٿيا ته هِيءُ بِلاگُ ”ورڊ پريس ڊاٽ ڪامَ“ جي ”چڙهندڙ بِلاگنِ“ ۾ ٻٽيهين نمبرَ تي ٻيٺو هو.
https://botd.wordpress.com/2007/10/08/growing-blogs-530/
ڀانيان ٿو ته سنڌيءَ ۾ هيءُ واحد بلاگ آهي جو اهِڙيِ فهرستَ ۾ هيل تائين آيو هُجي. آس اٿمِ ته اڳتي گھڻائي سنڌي بِلاگَ وڌنڌا ويِندا ۽ جڳ جي سنڌين کي هڪَ ٻي سان ڳنڍيندا هلندا.
]]>
likely to disappear in this century. In fact, one falls out of use about every two weeks.