اسانجا ادارا ۽ انهن ڏانهن اسانجو ورتاءُ
ڪجھ ڏينهن اڳ ڄامشوري وٽان لنگهيندي انسٽيٽيوٽ آف سنڌآلجي وڃڻ ٿيو.هن اداري بابت دوستن يارن کان گهڻو ڪجھ ٻڌو هيم ته ٻيلي ڪا موچاري شي ٺاهي اٿن بس ڏسڻ وٽان آهي، تنهڪري سانگي سان اوڏانهن ڪاهي پياس. عمارت اندر جيتوڻيڪ گهڻيون ئي شيون ڏسڻ وٽان هيون پر لڳو ائين پئي ڄڻ سنڀاليندڙن جي بي ڌياني يا دلچسپي نه هئڻ ڪري انهين جي سونهن وڃائجي ويئي هجي .جيتوڻيڪ اتي موجود ملازمن جو انگ ڳاڻيٺي کان ٻاهر هيو پر اهي سڀ فَقط هڪ ٻئي سان احوالن ۾ پورا هئا.ميوزيم ۾ سڀ شيون روايتي نموني رکيل هيون جيڪي اڄ جي ٽهيءَ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ جوڳيون ڪين ٿيون ڀائنجن.ڌاران انهن ماڻهن جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙين شين سان لاڳاپيل هجن، مان ڀائنيان ٿو، ٻيو ڪوبه هيڏانهن اچڻ ڪونه گهرندو. ان جو مک ڪارڻ هي آهي ته هُتِ رکيل شين مان گهڻيون شيون ايندڙن لاء اوپريون ٿينديون ڇاڪاڻ جو انهن مٿان لکيل سڃاڻپ يا ته اڻپوري آهي يا ماڳهين نه آهي. ڌاريا ماڻهون ته ڇڏيو پر پنهنجي ڏيھ جا ئي شهري لوڪ جن جو واسطو انهن شين سان نه پيو هجي سي ورلي سهي ڪندا ته ڪهڙي شي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙي ڪتب ايندي آهي. پوءِ ڀلا ! ڪوئي ٻڌائي ته اهڙي عمارت اڏڻ جو ڪهڙو ڪارج جو ان سان ايندڙ پيڙهين کي سندن آڳاٽين شين سان سڃاڻپ به نه ڪرائي سگهجي .
ڀانَتِ ڀانَتِ جون رليون ٽنگيل هيون پر سڀين تي هڪ ئي ليبل لڳل هو رلي. ڪو مون پارو اڻڄاڻ پڇي ته ادا ڪهڙي رلي؟ ٽُڪ واري ، لاڙي ، يا اُڪَرَ واري رلي ؟ بس رُکي رلي يا ان لاءِ به گهر وڃي کيس پنا اٿلائڻا پوندا ؟ ايترو ئي نه پر هت رکيل سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جي ماڻهن جي ڪرت ۽َ سندن ڪمن ڪارين ۾ ڪتب ايندڙ شين لاء بهِ وَچور سان نه لکيو ويو آهي. هوئين ڏٺو وڃي ته اها هڪ ننڍي ڳالھ آهي پر انجي اڻهوند ڪري هت ايندڙن کي هن ڏيھ جي اهڙن تياڳيل پيشن بابت ڪا پَرُوڙ ئي نه پئجي سگهندي ۽ ائين هو پنهنجي سَڀِيتا کان اڻڄاڻ ئي رهندا. ساڳيو حال ٻين گهڻين شين جو هو. چڱو ٿيندو جو اتي رکيل شين جي ٿورڙي گهڻي تاريخ ۽ سندن جوڙجڪ بابت ڳچ احوال ڏنو وڃي يا وري ڪنهن سونهي کي رکيو وڃي جيڪو آيلن کي انهن شين بابت ٻڌائي. پر ان سڄي ڪم لاءِ ذميواري ڪير کڻندو؟ انهن ادارن جا سربراھ ، جيڪي ڪرسي ماڻڻ لاءِ مٿا مونا ته هڻن ٿا پر ان سان لاڳاپيل ذميواريءَ کي پورو نه ٿا ڪن ، يا وري گڏيل طور اسان سڀني جو اهڙين شين سان ورتاءُُ ، اسان ادارا ته تڪڙ ۾ ٺاهي وٺندا آهيون پر تن جي سنڀال اسان کون ڪونه پڄندي آهي. ائين کڻي چئجي ته اهڙين شين جو اسان وٽ ڪو مُلھ ئي نه هوندو آهي. بس جيئن هلي ٿو تئين هلڻ ڏيوس جي چوڻي پيا پهر وڃائيندا ٿا رهون .
موهن جي دڙي جي اهڃاڻن کان وٺي انيڪ آڳاٽين جاين ۽ علمي ڀنڊارن جي ميسارجڻ جي اسان کي ڪا ڳڻتي نه آهي. شايد ان ڪري جو انهن جي اڏڻ واراجيئن ته اسان پاڻ ڪو نه آهيون تنهڪري پرواھ به اسان کي ڇو هجڻ گهرجي. هوئن به ڏٺو وڃي ته اسان وٽ هتڙي انگريزن دڙن جي کوٽائي ڪري ٻڌايو ته اسين ڪنهن مهان تهذيب جا وارث آهيون جنهن جو هڪ عاليشان ماضي رهيو آهي . اسين ته اڄ به ان کي ڀترن ٺڪرن جي ميڙ کان مٿي ڪو نه سمجهندا آهيون. اسان جا استاد ان عظيم تهذيب بابت شاگردن کي پڙهائيندا آهن ته جيئن جو هُتان جا رهاڪو ڪافر هيا تنهنڪري الاهي آفتين ڪري سندن انت اهڙو ٿين . هي ته آهي اسان جو حال ! پوءِ اسان اهڙين شين جي سنڀال ڪيئن ڪري سگهندا س.
Filed under: Institutions | 3 Comments
Sindhi Blog
سنڌيءَ ۾ بلاگ
ويب جي دنيا ۾ بلاگ کي شروع ٿئي جيتوڻيڪ گھڻو عرصو ڪونه ٿيو آهي پرٿوري مدي اندر ان انٽرنيٽ تي پنهنجي ڦيلاءَ وسيلي جيڪا مشهوري ماڻي آهي،ان جو ويجھي ماضي ۾ ڪو نمونو نٿو ملي.لڳ ڀڳ دنيا جي هر ٻوليءَ ۾هاڻي بلاگ لکجي رهيا آهن جن ۾ سياسي توڙي سماجي موضوع تي لکيل بلاگ شامل آهن.سنڌي ٻولي ۾ لکيل بلاگ جيتوڻيڪ گهڻا ڪونه آهن پر ان پاسي هيئن لاڙو وڌندو پيو وڃي.جس هجي سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب کي جنهن سنڌي کي يونيڪوڊ ۾ لکي ڊجيٽل دنيا ۾ ٻولي کي هڪ مقام ڏياريو.جهنڪري هاڻي پنهنجي ٻولي ۾ بلاگ لکڻ سولو بڻجي ويو آهي.سنڌي ۾ سڀ کان اول بلاگ ڪنهن لکيو تنهن بابت ڪجھ چئي نٿو سگھجي ،ها پر هن وقت سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ بلاگ ڀائنياٿو ته سائين آغا گل جو،نالي آغا جي ويراڳي اوطاق تي سنڌي ۾ روح رهاڻ آهي.آغا پنهنجي بلاگ ۾ هر موضوع تي قلم وهائي ٿو جن ۾ سنڌ،سنڌي ٻولي،سنڌي سماج۽ ان جي تاريخ کانسواءِ سائنس،ارضيات،جاگرافي ۽ ٻيا ڪئين موضوع شامل آهن.ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سندس بلاگ سنڌي بلاگ جي تاريخ جو اڏيندڙ ثابت ٿيندو.مونکي هي بلاگ لکڻ لاءِ اتساه به کائنس ئي مليو.
Filed under: Language | Leave a Comment